ڪشميرين سان يڪجھتي طور ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي

خيرپور (ڊر) ضلعي انتظاميه خيرپور پاران ڪشميرين تي ڀارتي آرمي جي ٿيل ظلمن ۽ سختين خلاف سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب خيرپور تائين ڪشميرين سان يڪجھتي طور  ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ظفر عباس عباسي جي سربراهي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي ظفر عباس عباسي چيو ته ڪشمير اسان جي شهه رڳ آهي ان خلاف دشمنن جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ هرگز نه ڏنو ويندو، 27 آڪٽوبر تي ڪشميرين تي ٿيل ڀارتي جبر جي واضع لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. پاڪستان جو هر فرد ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي انهن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڪيو ويندو.  هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي منظور ڪيل قرارداد مطابق ڪشميرين کي پنهنجو حق آزادي ملڻ کپي آزادي سان پنهنجي ملڪ ۽ رياست ۾ رهڻ ڪشميرين جو حق آهي جستائين ڪشميرين کي آزادي نٿي ملي تيستائين پاڪستان جو هر شهري هر سطح تي ڪشميرين سان گڏ آهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور صفدر ميراڻي، ميونسپل ڪاميٽي سي ايم او ذوالفقار علي ڀٽو، مختارڪار خيرپور عبدالشڪور سولنگي، گورنمنٽ ڪمپريهينسو جي پرنسپال رياض حسين ملاح، هينڊز جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر حيدر علي جتوئي، روٽري ڪلب جي شجاعت صديقي، سوشل ويلفيئر کاتي، روينيو، اسڪائوٽس، ميونسپل ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

ھاء اسڪول ٻٽ سرائي ۾ رٽائرڊ سيڪنـڊري ٽيچرس جي مان ۾ گسٽا پاران الوداعي پارٽي ڏني وئي!

Read Next

خيرپور ڀرسان ڳوٺ لانگاهه جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي ٽنڊومستي جي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او ۽ اي ايس آءِ خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular