نيو سعيد آباد: آء جي موٽروي پوليس جي قومي شاھراھ تي بغير ھيلميٽ موٽرسائيڪل سوار ۽ بغير سيٽ بيلٽ واري ڊرائيورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي

نيو سعيد آباد: آء جي موٽروي پوليس ڊاڪٽرڪليم امام ايڊيشنل آء جي ڊاڪٽر آفتاب پٺاڻ ڊي آء جي غلام سرور ڀيو ۽ سيڪٽر ڪمانڊر سجاد حسين ڀٽي جي ھدايتن تي  موٽروي پوليس جي قومي شاھراھ تي بغير ھيلميٽ موٽرسائيڪل سوار  ۽ بغير سيٽ بيلٽ واري ڊرائيورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ان سلسلي ۾ موٽروي پوليس بيٽ 29 جي ڊي ايس پي سيد راشد علي شاھ جي نگراني ۾ موٽروي پوليس آفيسرن ھيلميٽ ۽ سيٽ بيلٽ کان بغير وارن ڊرائيورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وئي جڏھن ته گائيڊنس سينٽر  تي ڊي ايس پي راشد علي شاھ ايڊمن عجيب علي ھيسباڻي انسپيڪٽر عبدالرشيد سھتو منصور احمد ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ سيٽ بيلٽ ۽ ھيلميٽ جي نقصانن ۽ فائدن بابت سيمينار ڪيو جنھن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي ٻڌايو ويو ته موٽرسائيڪل تان ڪرڻ جي صورت ۾ ھيلميٽ مٿي جي ڌڪ کان محفوظ رکي ٿو ۽ سيٽ بيلٽ جو استعمال لازمي ڪيو ڇو ته سيٽ بيلٽ حادثي دوران اسان جي حفاظت ڪري ٿو اسان کي گھرجي ته موٽروي قانون تي عمل ڪيون ۽ موٽروي پوليس جو ڪم روڊ تي سفر ڪندڙن کي قانون تي عمل ڪرائڻ آھي ـ ان کان علاوه موٽروي پوليس آفيسرن وڌيڪ چيو ته اوور اسپيڊ اوور لوڊنگ غلط ڊرائيورنگ بسن ۽ ويگنن جي مٿان مسافرن کي ويھارڻ کان پرھيز ڪيون ۽ گاڏين مان سي اين جي سلينڊر ختم ڪري پئٽرول ۽ ڊيزل جو استعمال ڪيو وڃي گاڏين جا ڪاغذ مڪمل رکيا وڃن جن ۾ روٽ پرمٽ فٽنس ٽيڪس رجسٽريشن ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ شامل آھن ـ موٽروي عملدارن آگاھي ڏيندي وڌيڪ چيو ته الله تبارڪ وتعالي جو فرمان آھي ته ” جنھن ھڪ انسان جي جان بچائي گويا ان سڄي انسانيت جي جان بچائي ” نيشنل موٽروي پوليس جو به اھو ئي مقصد آھي ته روڊ تي سفرڪندڙن جي سفر کي آسان ۽ محفوظ بڻايو وڃي ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي روڊ سيفٽي جي قانون بابت ماڻھن کي آگاھ  ڪيو وڃي ته جيئن عوام قانون مطابق گاڏيون ھلائن ان سان ھڪ ته حادثن کان بچي سگھبو ۽ ٻيو ته ھڪ اسان ھڪ سٺو شھري ھجڻ جو ثبوت ڏيندا آھيون ـ انھن وڌيڪ چيو ته اگر ڪا ايمرجنسي يا ڪنھن مدد جي ضرورت يا ڪو ايڪسيڊنٽ ٿي وڃي ته ان جو اطلاع موٽروي جي ھيلپ لائن 130 تي ڪال ڪري ڏيو ته جيئن بروقت موٽروي پوليس جا آفيسر مدد لاء پھچي سگھن ـ

Read Previous

رٽائرڊ سنڌ گورنمنٽ ايمپلائيز ايسو سي ايشن شهيد بينظير آباد پاران رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي

Read Next

انتظامي عمارتن جي مرمت لاءِ ڌار ڌار بجيٽ مختص ڪرڻ لاءِ لکيو ويندو: شفيق احمد مهيسر

Most Popular