انتظامي عمارتن جي مرمت لاءِ ڌار ڌار بجيٽ مختص ڪرڻ لاءِ لکيو ويندو: شفيق احمد مهيسر

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ) ڊويزنل اوور سائيٽ ڪميٽي 793381000 رپين جي لاڳت سان ايم اينڊ آر اسڪيمن جي منظوري ڏئي ڇڏي ،اسڪيمن ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جون روڊس ۽ بلڊنگس شعبن جون اسڪيمون شامل۔ڪنسلٽنٽس جي مقرري پيپرا ۽ ٻين قانونن تي عملدرآمد کانپوءِ ڪئي وڃي: ڪمشنر سکر ڊويزن۔انتظامي عمارتن جي مرمت لاءِ ڌار ڌار بجيٽ مختص ڪرڻ لاءِ لکيو ويندو: شفيق احمد مهيسر۔ خبر موجب ،ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر جي صدارت هيٺ سندس آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ ڊويزنل اوور سائيٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن دوران 793381000 (79 ڪروڙ 33 لک 81 هزار) رپين جي مجموعي لاڳت سان مختلف ايم اينڊ آر اسڪيمن جي منظوري ڏني وئي، ڪمشنر سکر مرمتي اسڪيمن ۾ ڪم جو معيار بهتر بڻائڻ ۽ پروڪيورمينٽ جي سلسلي ۾ قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمدعلي قريشي ۽ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي عثمان عبدالله، چيف انجنيئر هاءِ ويز ڊويزن سکر سيد ڪاظم رضا شاهه، ايم ايس غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڊاڪٽر تسليم خميساڻي، پراونشل، ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز، بلڊنگس، مڪاني ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊويزنل اوورسائيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جون پراونشل/ڊسٽرڪٽ بلڊنگ ۽ هاءِ ويز کاتن جون مختلف روڊن ۽ سرڪاري عمارتن جي مرمت جي سلسلي ۾ ايم اينڊ آر اسڪيمون ڌار ڌار منظوري لاءِ پيش ڪيون ويون. ٽنهي ضلعن ۾ هلندڙ مالي سال 21-2020ع دوران پراونشل هاءِ ويز جي ايم اينڊ آر اسڪيمن لاءِ 347154000، پراونشل بلڊنگس مرمتي اسڪيمن لاءِ 276119000 رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز جي ايم اينڊ آر اسڪيمن لاءِ 148782000 رپيا، ڊسٽرڪٽ بلڊنگس لاءِ 21326000 رپيا رکيا ويا آهن، اهڙي ريت سکر ڊويزن لاءِ مجموعي طور تي روڊس ۽ بلڊنگس مرمتي اسڪيمن لاءِ 793381000 رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي هدايت ڪئي ته مرمتي اسڪيمن ۾ ڪم جي معيار کي يقيني بڻايو وڃي معيار تي ڪابه سوديبازي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به خريداري جي سلسلي ۾ قانونن تي سختيءَ سان عمل درآمد ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڊي سي سکر رانا عديل ٻڌايو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج اسپتال سکر لاءِ 8 ڪروڙ 36 لک رپيا مختص ٿيا آهن، ميڊيسن وارڊ، آرٿوپيڊڪ وارڊ، آءِ سي يو ۽ ٻين اهم ڪمن کي هن اسڪيم ۾ کنيو ويو آهي سخت متاثر ٿيل عمارت جي حصن کي مرمت ڪرايو ويندو. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر هدايت ڪئي ته جي ايم ايم سي اسپتال ۾ 83 ملين جي اسڪيم لاءِ ڪنسلٽنٽ رکيو وڃي ۽ ان جي مقرري دوران پيپرا قانونن تي سختيءَ سان عملدرآمد ڪيو وڃي.

Read Previous

نيو سعيد آباد: آء جي موٽروي پوليس جي قومي شاھراھ تي بغير ھيلميٽ موٽرسائيڪل سوار ۽ بغير سيٽ بيلٽ واري ڊرائيورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي

Read Next

ھتي انصاف لاء ماڻھون ٿاڻن ۽ ادارن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن: هيومن رائٽس آف پاڪستان

Most Popular