رٽائرڊ سنڌ گورنمنٽ ايمپلائيز ايسو سي ايشن شهيد بينظير آباد پاران رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم نه ملڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي

 نوابشاهه (رپورٽ:دانش حيدر) رٽائرڊ سنڌ گورنمنٽ ايمپلائيز ايسو سي ايشن شهيد بينظير آباد پاران رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس جي رقم نه ملڻ خلاف تنظيم  جي صدر محمد عُمر خاصخيلي، اعجاز ڏاهري، مُراد خاصخيلي، طفيل لاشاري، محمد عُمر ڏاهري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي نوابشاهه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ سرڪار رٽائرڊ ملازمن جي گروپ انشورنس جو بِل 24 جولاءِ 2020 تي سنڌ اسيملي جي فلور تي پيش ڪيو ۽ منظوري ڏني وئي پر اڃا تائين انهي بِل تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري سنڌ جا هزارين غريب رٽائرڊ ملازم پنهنجي جائز حق کان محروم آهن هنن چيو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مُراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته انهي بِل تي فوري طور تي قانون سازي ڪري رٽائرڊ ملازمن کي 2009 کان گروپ انشورنس جي رقم ڏني وڃـي هنن چيو ته انهي کانسواءِ 2017 کانپوءِ گروپ انشورنس جي رقم اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ هن وقت تائين اڃا جمع نه ڪرائي وڃي بنا دير اها رقم جمع ڪرائي وڃي ۽ گروپ انشورنس جي رقم جو حساب ڪتاب جو پُڇاڻو سنڌ جي فنانس کاتي کان ڪيو وڃي ته اها رقم آخر ڪار ڪيڏانهن پئي وڃي اڳواڻن سندن مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو.

Read Previous

ايم پي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق الزمان ۽ اڳوڻي ضلع چيئرمين مٽياري مخدوم فخرزمان جي هدايتن تي ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ڏھ رڪني ڪميٽي جوڙي وئي

Read Next

نيو سعيد آباد: آء جي موٽروي پوليس جي قومي شاھراھ تي بغير ھيلميٽ موٽرسائيڪل سوار ۽ بغير سيٽ بيلٽ واري ڊرائيورن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي

Most Popular