ھتي انصاف لاء ماڻھون ٿاڻن ۽ ادارن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن: هيومن رائٽس آف پاڪستان

ٺٽو(رپورٽ يار محمد ميربحر) انساني حقن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نٿا ڪري سگهون,اهڙن خيالن جو اظھار مذھبي هم آھنگي هيومن رائٽس آف پاڪستان جي مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر جاويد اقبال فاروق رانا پنهنجي هڪ پريس بيان ۾ ڪيو,ھن وڌيڪ چيو آھي ته انساني حقن جي لتاڙ ۾ ٺٽو ضلعو سڀني کان اڳتي وڌي ويو آھي,هتي جي رهواسين کي پاڻي جي به صحولت ڪونهي,ُھتي انصاف لاء ماڻھون ٿاڻن ۽ ادارن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن,جنهن جون ڪيئي شڪايتون موصول ٿيون آھن,ھن چيو ته پوليس انتظاميا پنهنجو قبلو درست ڪري ماڻھن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري,ھن ضلعي انتظاميا کي تنبيه ڪندي چيو آھي ته ضلعي انتظاميا فوري پنهنجا وسائل استعمال ڪري صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائن.

Read Previous

انتظامي عمارتن جي مرمت لاءِ ڌار ڌار بجيٽ مختص ڪرڻ لاءِ لکيو ويندو: شفيق احمد مهيسر

Read Next

خيرپور : ڳوٺ کوسا موچي جي رهواسين جو ٽنڊومستي پوليس پاران نوجوان کي کنڀڻ خلاف احتجاج

Most Popular