پاڪستان زمبابوي خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور:   پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) زمبابوي خلاف پهرين ون ڊي جي لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. شاداب خان جي انجري سبب عثمان قادر کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. امام الحق، فخرزمان خوشدل شاهه، فهيم اشرف، وهاب رياض ۽ حارث رئوف به اسڪواڊ جو حصو آهن. زمبابوي جي خلاف ٽيم جي ڪپتاني بابر اعظم ڪندو. عابد علي، فخر زمان، حارث سهيل، محمد رضوان، افتخار احمد، عماد وسيم، عثمان قادر، شاهين آفريدي ۽ موسيٰ خان به اسڪواڊ ۾ شامل آهن.  بابر اعظم مختصر طور تي ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته رانديگر مڪمل فٽ اهن ۽ ٽيم جو مورال به بلند آهي زمبابوي جي خلاف سٺو کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان ڪنهن به ٽيم کي آسان نٿا وٺي سگهون. زمبابوي خلاف ون ڊي ۽ تي 20 سيريز لاءِ بابر اعظم جي قيادت ۾ 20 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو هو.  عبدالله شفيق، عابد علي، فخر زمان، حارث سهيل، حيدر علي، افتخار احمد، امام الحق، خوشدل شاهه، محمد حفيظ، محمد رضوان، موسيٰ خان، شاهين شاهه افريدي، روحيل نذير، عثمان قادر، وهاب رياض، فهيم اشرف، محمد حسنين، حارث رئوف، عماد وسيم ۽ ظفر گوبر به هن اسڪواڊ ۾ شامل آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 30 آڪٽوبر تي پهريون، پهرين نومبر تي ٻيون ۽ 3 نومبر تي ٽيون ون ڊي کيڏيو ويندو. زمبابوي جي ٽيم 4 نومبر تي لاهور جي لاءِ رواني ٿيندي. پهريون ٽي 20 ميچ 7، ٻيون 8 ۽ ٽيون 19 نومبر تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو.

Read Previous

پاڪستاني اداڪار عثمان مختار به ڪورونا وائرس جو شڪار، مداحن کي دعا جي اپيل

Read Next

پاڪستان مشهور ٽڪ ٽاڪرز جي تربيت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Most Popular