پاڪستان مشهور ٽڪ ٽاڪرز جي تربيت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد:   پاڪستان مشهور ٽڪ ٽاڪرز جي تربيت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن مقصد جي لاءِ ٽڪ ٽاڪرز ڪلب جوڙيو ويندو. جنهن ۾ اهڙا ٽڪ ٽاڪرز شامل هوندا جن جي فالوورز جو انگ هڪ ملين کان وڌيڪ هجي.  رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪرز جي تربيت جي لاءِ سينيٽ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي  ڪمپني هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا مشهور ٽڪ ٽاڪرز سان رابطو  ڪندي  ۽ انهن کي محفوظ مواد بابت تربيت ڏيندي. ياد رهي ته پاڪستان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي جنهن کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ انتظاميه سان ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ان کي بحال ڪيو ويو هو. ان  حوالي سان پاڪستان طرفان باقاعده شرط لاڳو ڪيا ويا هئا ته ٽڪ ٽاڪ جي ذريعي فحش ۽ غير اخلاقي مواد شيئر نه ڪيو ويندو. پرڏيهي اخبار سان ڳالهيون ڪندي ڪميٽي جي ڪنوينر ميان عتيق ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ وڊيو جو مواد بهتر ۽ غير تڪراري بنائڻ جي لاءِ اسان هڪ ٽاڪرز ڪلب ٺاهينداسين.  هن واضح ڪيو ته اهڙي ڪلب جا اهي ئي ٽڪ ٽاڪرز ميمبر هوندا جن جي فالوورز جو انگ هڪ ملين کان وڌيڪ هجي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ڪنهن به رياستي اداري يا شخصيت جي خلاف مواد وارو اڪائونٽ هلي نه سگهندو.

Read Previous

پاڪستان زمبابوي خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

ڀان سيدآباد : شھر ۾ گهرن ۽ پلاٽن جي بروڪري ڪندڙ بروڪر اڪرم ميمڻ جي خلاف مظاهرو ڪري احتجاج ڪيو

Most Popular