پاڪستاني اداڪار عثمان مختار به ڪورونا وائرس جو شڪار، مداحن کي دعا جي اپيل

ڪراچي:   پاڪستاني اداڪار عثمان مختار به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن کان پوءِ هن مداحن کان دعا جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.   رپورٽ موجب مشهور ڊرامي(ثبات) ۽(انا) ۾ بهترين اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ   اداڪار عثمان مختار گذريل ڏينهن انسٽاگرام اسٽوري جي ذريعي مداحن کي ٻڌايو ته ان جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي وئي آهي. عثمان مختار ماڻهن کي پنهنجي صحتيابي جي لاءِ دعا ڪرڻ جي درخواست ڪندي عوام کي پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي تلقين به ڪئي.  واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻئين لهر جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن جنهن جي تحت شهرين جي لاءِ ماسڪ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

Read Previous

فرانسيسي صدر خلاف مسلم دنيا ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، ڍاڪا ۾ لکن ماڻهن جو مظاهرو

Read Next

پاڪستان زمبابوي خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular