پنوعاقل ۾ سماجي برائين خلاف شهرين جي شڪايتون تي ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون پاران نوٽيس ورتو ويو

پنوعاقل ( رپورٽ فيصل حيات جهنڊير ) پنوعاقل ۾ سماجي برائين خلاف شهرين جي شڪايتون تي ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون پاران نوٽيس ورتو  ويو، ايس ايڇ او پنوعاقل ذوالفقار چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ٽيم پاران مختلف جوا منشيات جي اڏن تي ڇاپا هڻي پرويز، پيارو علي، دوست، وحيد علي  کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ڪيترائي منشيات فروش ۽ جواري گھر دڪان ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ڪيترن ئي منشيات فروش جوان جا اڏا هلائيدڙ سڳ سوڌو گرفتار ڪرڻ بعد لاڪ اب ڪري اهڙو ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن ذوالفقار موجب ته اسان جي هر شهري جي حفاظت ڪرڻ اسان جو قانوني فرض آهي ڪنهن به سماج دشمن اناصر ڏوهارين چورن ۽ سماجي برائين جا اڏا هلائيندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو شهرين جي نشاندهي تي مٿان ملندڙ هدايتون تحت انهن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي

Read Previous

ڀان سيدآباد : شھر ۾ گهرن ۽ پلاٽن جي بروڪري ڪندڙ بروڪر اڪرم ميمڻ جي خلاف مظاهرو ڪري احتجاج ڪيو

Read Next

ڳوٺ جميل احمد آرائين جي رهواسين زميدار جاويد آرائين ۽ عبدالرزاق آرائين پنهنجي عزيزن علائقي جي مختلف برادرين سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو

Most Popular