ڀان سيدآباد : شھر ۾ گهرن ۽ پلاٽن جي بروڪري ڪندڙ بروڪر اڪرم ميمڻ جي خلاف مظاهرو ڪري احتجاج ڪيو

سيوهڻ شريف رپورٽ(محمد حنيف ڀٽي) ڀان سيدآباد ۾ مسڪين محمد سهراب لغاري ۽ انور لغاري پنهنجي فيمليء سان گڏ ڀان سيد آباد شھر ۾ گهرن ۽ پلاٽن جي بروڪري ڪندڙ بروڪر  اڪرم ميمڻ جي خلاف مظاهرو ڪري احتجاج ڪيو  خبر موجب ڀان سيدآباد جي رهواسي غريب مسڪين محمد سهراب لغاري ۽ انور لغاري پنهنجي فيمليء سان گڏ احتجاج ڪندي مهراڻ ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته بروڪر اڪرم ميمڻ اسان سان  دوکو ڪري اسان جو گهر کپائي اسان سان فيصلو ڪري 36 لکن  جو چئي اسان کي 10 ۔ 10 لکن جا 2 چيڪ ڏنا ۽ باقي چيائين تو هان کي 16 لک بعد ۾ ڏيندس ۔ وري اسان جا اهي ئي ڏنل 2 چيڪ ڏئي ويو هو اهي چيڪ پاس نه ٿيا جن چيڪن تي اسان بيئنڪ مان ميمو لڳائي گهوٽڪيء ڪورٽ مان آرڊر وٺي گهوٽڪي ۾ سندس مٿان ڪيس داخل ڪيو آھي ، هاڻي هو اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي ته ڪيس تان هٿ کڻو نه ته توهان کي  مان ڪوڙن ڪيسن ۾ فاسائي گرفتار ڪراء ڇڏيندس ، جنهن جي ڪري هنن مسڪينن صحافين اڳيان احتجاج ڪندي اپيل ڪئي آھي وزير اعلا سنڌ ۽ ڊي آء جي  حيدر آباد ، ايس ايس پي ڄام شورو کانته اسان سان انصاف ڪري اسان جو حقاسان کي ڏياريو وڃي۔

Read Previous

پاڪستان مشهور ٽڪ ٽاڪرز جي تربيت ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

پنوعاقل ۾ سماجي برائين خلاف شهرين جي شڪايتون تي ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون پاران نوٽيس ورتو ويو

Most Popular