فرانس جي وزير اعظم پاران نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي خلاف احتجاجي مظاهرو

نوابشاهه:(رپورٽ:دانش حيدر) فرانس جي وزير اعظم پاران نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ واري عمل خلاف تنظيم اصلاح الفقراء حسينيه نقشبنديه پاران سوسائٽي واري علائقي کان فقير محمد قاسم تنيو حسيني، فقير احسن خاصخيلي حسيني، مولانا تميز الدين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ناموس رسالت ريلي ڪئي وئي جيڪا مقرر رستن کان ٿيندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، جڏھن ته مختلف اسڪولن جي شاگردن پاران ڊي سي ھاء اسڪول کان ناموس رسالت ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر ۾ گشت ڪندي نوابشاهه پريس ڪلب پھتي، ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته اسان پوري دنيا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته اسان نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪنھن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، اسان عاشق رسول آھيون ناموس رسالت پر اسان جي جان به قربان آھي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي ڪندڙ فرانس جي صدر کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

Read Previous

نواز علي شاهه ڪالوني ۾ ٻن هٿياربند گهر فائرنگ هڪ ڄڻو سخت زخمي

Read Next

مٽياري جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان سميت 17 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو

Most Popular