نواز علي شاهه ڪالوني ۾ ٻن هٿياربند گهر فائرنگ هڪ ڄڻو سخت زخمي

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) بالو جا قبا ٿاڻي جي حد نواز علي شاهه ڪالوني ۾ ٻن ھٿيارن بند ڊاڪٽر وزير ميمڻ جي گھر ۾ داخل ٿي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گھر ۾ موجود محسن علي ۽ احسن علي ڦورن سان مزاحمت ڪئي جنھن تي ڦورن خنجرن جا وار ڪري محسن ۽ احسن علي کي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي علاج لاءِ نوابشاهه  پي ايم يو اسپتال داخل ڪيو ويو جتي زخمي احسن ميمڻ چيو ته مان گھر سان گڏ پنھنجي ڪلينڪ تي ويٺو ھئس ته ٻن ھٿياربندن مونکان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مان چيو ته اسان گھر ۾ روڪ رقم ۽ سونا زيور نه رکندا آھيون جنھن تي ڦورو مڇرجي پيا ۽ مونکي خنجرن جا وار ڪري زخمي ڪيو، ھن چيو ته مان ڦورو سڃاتا آھن ھڪ ڦورو ارسلان لنڊ آھن، ھوڏانھن ڊي ايس پي مبين پڙھيار چيو ته اسان کي ڦر جو واقعو گھٽ ٿو لڳي واقعو ذاتي دشمني جو لڳي ٿو اسان وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

Read Previous

منهنجو مڙ مون کي فحاشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو: عورت

Read Next

فرانس جي وزير اعظم پاران نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular