مٽياري جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان سميت 17 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو

مٽياري: مٽياري جي عدالت جهيڙي جي ڪيس ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان سميت 17 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو، بري ٿيلن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو ۽ مرڪزي پريس ترجمان محمد علي ابڙو، جنيد، صدام ، صوف ۽ ٻيا شامل آهن ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ سيکاٽ ٿاڻي 17 ڄڻن مٿان زميني تڪرار تان جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو ھو جنھن جي ڪيس ۾ ڄاڻايل مٿي ڄاڻايل سڀئي ماڻهو سول ڪورٽ مٽياري ۾ پيش ٿيا جنھن کانپوءِ ڪورٽ سڳوري جوابدار ڄاڻايل ڌر جي وڪيلن ايڊووڪيٽ اسلم ميمڻ ۽ ايڊووڪيٽ عاقل ميمڻ جا دليل ٻڌڻ بعد سڀني کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي،،

Read Previous

فرانس جي وزير اعظم پاران نبي ڪريم صه جي شان ۾ گستاخي خلاف احتجاجي مظاهرو

Read Next

مٽياري جي ڪوثر بيبي مسجد ۾ ميلاد مصطفا ﷺ جي شاندار محفل منعقد ڪئي وئي

Most Popular