حڪومت سياسي جهيڙي ۾ پاڪ فوج کي شامل نه ڪري، پنهنجي موقف تي قائم آهيان: اياز صادق

لاهور:  مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ اياز صادق چيو آهي ته حڪومت سياسي جهيڙي ۾ پاڪ فوج کي شامل نه ڪري، بيان کي قومي سلامتي ۽ ادارن سان جوڙڻ دانشمندي ناهي. منهنجي چيل لفظن کي غلط رنگ ڏنو ويو. پنهنجي موقف تي قائم آهيان. ڀارت جي هر سازش ناڪام بنائينداسين. اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ليگي اڳواڻ اياز صادق مولانا فضل الرحمان  سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته معاشري ۾ هر قسم جون ڳالهيون ڪندڙ ماڻهو رهندا آهن. سياسي بيان کي غلط رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان سڀ محب وطن سچا پاڪستاني آهيون. منهنجي بيان سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو. ڀارت کي هميشه جيان منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ڀارت پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ويندو. اياز صادق چيو ته ڪنهن کي به اهو حق ناهي ته هو ڪنهن کي غدار چوي. منهنجي بيان کي قومي سلامتي جي ادارن سان جوڙڻ سياڻپ ناهي. ڀارت جي هر سازش کي ناڪام بنائينداسين. حڪومت منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري پاڪستان جي خدمت ناهي ڪئي. ان موقعي ڳالهيون ڪندي فضل الرحمان چيو ته اسان کي صبر جو دامن هميشه جهلڻ گهرجي. اختلاف راءِ اصولن تي ڪندا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين. اياز صادق ذميوارانه ۽ سنجيده ڳالهه ڪئي آهي اسان حڪومت جي جواز کي تسليم نٿا ڪريون تنقيد کان ڪوبه مٿانهون ناهي. هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي. اسان سڀ پاڪستاني هڪ پليٽ فارم  تي گڏ آهيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم کي ٽوڙڻ جي سازش ڪراچي کان ٿي ملڪ ۾ بحران پيدا ڪيا پيا وڃن. حڪومت اپوزيشن کي چڙ ڏياريندي آهي، ملڪ کي آئين موجب هلايو وڃي. ناجائز حڪومت اسان جي مٿان نه مڙهي وڃي. ملڪ معاشي لحاظ سان ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي چڪو آهي. سياستدانن جو فرض هوندو آهي ته هو عام ماڻهو جو ترجمان بڻجي. پي ڊي ايم شيڊول موجب جلسا جاري رکندي.

Read Previous

پهرين نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان

Read Next

حمزه شهباز بڪتربند گاڏي ۾ عدالت اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جج پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار

Most Popular