پاڪستاني امپائر عليم ڊار هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

لاهور:  پاڪستاني امپائر عليم ڊار سڀني کان وڌيڪ ميچ سپروائز ڪرڻ جو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو. پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ٻيو هڪ ڏينهن وارو ميچ پاڪستاني امپائر عليم ڊار جي لاءِ يادگار بڻجي ويو.  عليم ڊار سڀني کان وڌيڪ 210 هڪ ڏينهن وارن ميچن کي سپروائز ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ ٽيسٽ ميچ سپروائز ڪرائڻ جو رڪارڊ اڳ ئي عليم ڊار پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ سڀني کان وڌيڪ 209 هڪ ڏينهن وارن ميچن کي سپروائز ڪرڻ جو اعزاز ڏکڻ آفريقا جي روڊي ڪورٽرن وٽ هو.  عليم ڊار پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ٿيندڙ ميچ کان اڳ چيو هو ته مان پنهنجو اهو اعزا زپنهنجي گهر ڀاتين ۽ والدين جي نالي ڪريان ٿو. هن  پنهنجي گهر ڀاتين ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته سڀني کان وڌيڪ هڪ روزه ميچ سپروائز ڪرڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ تي خوشي آهي.  ياد رهي ته 2009 کان 2011 تائين عليم ڊار 3 ڀيرا لاڳيتو آءِ سي سي جي بهترين امپائر جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.

Read Previous

پاڪستان شوبز انڊسٽري جا بهترين دوست

Read Next

سيرت ڪميٽي سجاول طرفان محفل ذڪر مصطفي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

Most Popular