سيرت ڪميٽي سجاول طرفان محفل ذڪر مصطفي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سيرت ڪميٽي سجاول طرفان محفل ذڪر مصطفي  ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.جنھن سجاول ضلعي ڪنڊ ڪرچ مان سوين  عاشقان مصطفي ﷺ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي مولانا عبدالخالق چاچر،مولانا عبدالله سنڌي،مولانا ضياءالرحمان خطاب ڪندي چيو ته ريبع الاول جو مھينو وڏو بابر برڪت وارو مھينو آھي جنھن حضرت محمد مصطفي  ﷺ جي والادت  ٿي آھي.ٻنهي جھاننن جو سردار حضيت محمد ﷺ پوري دنيا جي لاء رحئت اللعالمين بڻجي آيو.نبي پاڪ ﷺ کانپوء ڪوبه نبي نه ايندو جيڪو ايندو ان کي ڪورو ۽ ڪافر مڃيو ويندو.اسان سڀني کي نبي پاڪ ﷺ جي ڏسيل واٽ تي ھلڻ گھرجي تڏھن اسان ڪامياب آھيون.نبي پاڪ ﷺ جي سنت پنھنجي چھري تي سجايون.انھن وڌيڪ چيو ته نبي پاڪ  ﷺ جي شان ۾ ھر ڀيري گستاخي ڪئي ٿي وڃي ڪڏھن آمريڪا ۾ ڪڏھن فرانس ۽ انڊيا ۾  گستاخي ڪئي ٿي وڃي پر اسان جي حڪومت ننڊ پيل آھن.نبي پاڪ ﷺ جي شان ۾ گستاخي ڪندڙن  خلاف اسلام ۾ اسٽيٽ يوٿ پاليامينٽ جي نوجوانن  احتجاج ڪيو ته حڪومت انھن مٿان تشدد ڪرايو آھي جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آھي حڪومت فرانس سان بائڪاٽ ڪري فرانس جص سفير کي ٿڏا ھڻي ملڪ مان نيڪال ڪري سندس شين جو بائڪاٽ ڪري ان موقعي تي نعت خوان قاري محمود طاھر نبي پاڪ ﷺ جي شان ۾ نعت پيش ڪئي.جڏھن ته سيمينار ۾ آيل ماڻھن ڪاء اسٽيٽ يوٿ پاليامينٽ طرفان سبيل لڳائي وئي.

Read Previous

پاڪستاني امپائر عليم ڊار هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

Read Next

جمعيت علماء اسلام يونٽ دڙو طرفان فرانس ۾ حضورِ اڪرم صه جي شانِ اقدس ۾ گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

Most Popular