جمعيت علماء اسلام يونٽ دڙو طرفان فرانس ۾ حضورِ اڪرم صه جي شانِ اقدس ۾ گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

سجاول؛(ڊر)جمعيت علماء اسلام يونٽ دڙو طرفان  فرانس ۾  حضورِ اڪرم صه جي شانِ اقدس ۾ گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ريلي جي قيادت جي يو آئي اڳواڻ حافظ عبدالغفور ميمڻ ڪئي.ان موقعي تي اسدالله ميمڻ،مولوي طاھر کٽي،جسقم جي ڪامريڊ عزيز ،پ پ ش ڀ جي حبيب الله ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو  ته حضور اڪرم صہ جي عزت ناموس لاءِ مسلمانن جو ٻچو ٻچو مرڻ مٽجڻ لاءِ تيار آھي آقا نامدار حضرت محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي شان م فرانس طرفان گستاخانہ خاڪا شايع ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومتِ پاڪستان کان مطالبو ڪريون ٿا آھي اقوام متحده م ان ڳالھه جو جلد نوٽس وٺن ۽ پاڪستان ۾ قائم فرانسيسي سفارتخاني کي في الفور بند ڪري فرانس جي سفير کي گھرائي پنھنجو شديد ردِعمل ظاھر ڪندي انھن سان ھر لحاظ کان بائڪاٽ جو اعلان ڪن ڇو جو حضور اڪرم صه جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ کان پوءِ ڪو به سمجهوتو قابلِ قبول ناھي  نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج دائرو وڌايو ويندو.مسلمانن کي اپيل ڪئي ويئي ته اھي فرانسيسي مصنوعات جو بائڪاٽ ڪن ۽ انھن جي ڪمپني جي ڪا شيءِ نه واپرائين ان موقعي تي فرانس جي صدر خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

Read Previous

سيرت ڪميٽي سجاول طرفان محفل ذڪر مصطفي ﷺ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي

Read Next

مٽياري جي درگاهه سيد ڏنو بادشاہ رحمت الله عليه ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو جشن ملهائڻ لاءِ محفل نعت شريف جو اهتمام ڪيو ويو

Most Popular