فرانس ۾ گستاخ رسول صه وارا خاڪا ٺاھڻ واري عمل خلاف ناموس رسالت ڪميٽي نوابشاهه جي سڏ تي نوابشاهه شھر ۾ مڪمل شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي

نوابشاهه(رپورٹ:دانش حیدر) فرانس ۾ گستاخ رسول صه وارا خاڪا ٺاھڻ واري عمل خلاف ناموس رسالت ڪميٽي نوابشاهه جي سڏ تي نوابشاهه شھر ۾ مڪمل شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي، جڏھن ته شھر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ڪچھري روڊ، مسجد روڊ، ڪپڙا مارڪيٽ، لياقت مارڪيٽ، موھڻي بازار، ڳڙ مارڪيٽ، اسپتال روڊ، سڪرنڊ، قاضي احمد موڙ ۽ پراڻو نوابشاھه مڪمل طور تي بند رھيا، جڏھن ميونسپل ڪميٽي نوابشاهه جي اڳوڻي چيئرمين حاجي محمد عظيم مغل، چوڌري عبدالقيوم آرائين، شيعه علماء جي مولانا ڪفايت ڪريمي، محمد عالم مري، محمد حسين چانڊيو، اسلم نوري، چوڌري ظفر آرائين، غلام مصطفيٰ ڌوئنرون، مير کوکر، شوڪت مصطفائي، ساجد اويسي، درگاهه ننينگ شريف جي چيف خليفي خالد حسين مينگل،  ايڊووڪيٽ غلام شبير شبير زرداري، جي ايم خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا نوابشاهه پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ وارا خاڪا شايع ڪندڙ ملڪ فرانس سان سفارشي تعلقات ختم ڪري ملڪ مان فرانسي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي، ھنن چيو ته نبي پاڪ صه جي شان ۾ ڪابه گستاخي قبول نه ڪئي ويندي، اسان جي نبي پاڪ صه تي جان به قربان آهي، ھنن چيو ته فرانس جي اھڙي عمل سان ڪروڙين مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن، ھنن مطالبو ڪيو ته فرانس ۾ نبي پاڪ صه جي شان ۾ گستاخي وارا خاڪا شايع ڪندڙ ملڪ فرانس سان سفارشي تعلقات ختم ڪري ملڪ مان فرانسيسي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي.

Read Previous

مقصودورند ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو فرانسيسي صدر نبي ڪريم ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي

Read Next

اڄ آچر جي صبح جو فجر نماز مهل بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ

Most Popular