مقصودورند ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو فرانسيسي صدر نبي ڪريم ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي

(سانگهڙ رپورٽ )  مقصودورند ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو فرانسيسي صدر نبي ڪريم ﷺ جن جي شان ۾ گستاخي ڪري  مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي. سندس اهڙي ڪڌي عمل تي انسانذات کي ڇيهو رسيو آهي. اسان عالمي ڌرين کان مطالبو ڪيون ٿا ته سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن مسلمانن ملڪن مان بي چيني ختم ٿي سگهي. اهڙو اظهار پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ يوسي لنڊو جي صدر الطاف حسين رند، جنرل سيڪريٽري دلبر خان رند، رئيس امام بخش رند، زوار غلام عباس رند، علي بخش ٻروچ، علي مردان منگي، آصف علي انڙ، مختيار علي رند ۽ ٻين فنڪشنل مسلم ليگ يوسي لنڊو پاران فرانسيسي صدر پاران نبي ڪريم ﷺ جي شان ۾ ڪيل گستاخي ۽ وفاق پاران سنڌ جي ٻيٽن تي ڪيل قبضي خلاف ڪيل احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو. هنن چيو ته ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ سنڌ ڌرتي جو قومي اثاثو آهن. اسان ٻيٽن خلاف صدارتي آرڊيننس کي رد ڪيون ٿا. وفاق کي گهرجي ته سنڌ جي ٻيٽن تي ايئن ميري اک نه رکي ۽ پيپلزپارٽي جي هر دور ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿي آهي. هنن چيو ته پيپلز پارٽي وارا سنڌي قوم کي اٻوجهه قوم سمجهي ويٺا آهن پر سنڌي قوم پنهنجي قومي ملڪيت جي مالڪي ڪرڻ چڱي طرح ڄاڻي ٿي. هنن عالمي قوتن کان مطالبو ڪيو ته فرانسيسي صدر خلاف ڪارروائي ڪري مسلمان ملڪن مان بي چيني ۽ ڪاوڙ ختم ڪرائي وڃي ۽ وفاق صدارتي آرڊيننس تان جلد هٿ کڻي. ريلي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻن، حرجماعت جي معززن ۽ سنڌ دوست ڌرين شرڪت ڪئي. جن ۾ منور رند، نور محمد رند، رحم علي رند، رئيس علي احمد جمالي، آچر خاصخيلي، رئيس مدد علي رند، اصغر جمالي ۽ ٻيا شامل آهن.

Read Previous

فرانس ۾ گستاخانه خاڪن خلاف شيعا علماءَ ڪائونسل مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران الڳ الڳ ريليون ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندا پريس ڪلب پهتا ريلي

Read Next

فرانس ۾ گستاخ رسول صه وارا خاڪا ٺاھڻ واري عمل خلاف ناموس رسالت ڪميٽي نوابشاهه جي سڏ تي نوابشاهه شھر ۾ مڪمل شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي

Most Popular