اڄ آچر جي صبح جو فجر نماز مهل بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ

نيوسعيدآباد  رپورٽ  جبار عمراڻي   اڄ آچر جي صبح جو فجر نماز مهل بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باھ ٽائون ڪميٽي جي بلڪل ويجهو دڪان کي لڳل باھ تي فائر برگيڊ عملو ڪنٽرول نه ڪري سگھيو نيوسعيدآباد جي وچ شھر ۾ طارق غفور ميمڻ جي موبائيل جي دڪان کي باه وڪوڙي ويئي جنهن دڪان کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو باه جا شعلا آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا،نتيجي ۾َ دڪان ۾ پيل موبائيل فون سيٽ، ايسيسريز جو سامان،روڪ رقم.4 لک رپيا،پنکا ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. نقصان جو ڪل ڳاڻيٽو 25 لک رپيا ٻڌايو پيو وڃي..انتظاميا جي بي حسي جو اهو عالم آھي جو اطلاع جي باوجود ڪوب روينيو يا ٻئي ڪنهن کاتي جو عملدار توڙي پوليس باه واري هنڌ ن پهتا.باه جو اطلاع ملڻ تي دڪان مالڪ طارق ميمڻ سڪتي ۾َاچي ويو.جنهنکي بعد ۾ ھوش ۾ آندو ويو.هوڏنهن باه جو ٻڌي سوين شھري گڏ ٿي ويا،سول سوسائٽي جي چيئرمين عبدالواحد عمراڻي ۽ وقار لاکو،سماجي ڪارڪن امتياز دانش ميمڻ ۽ٻين پهچي دڪاندار طارق غفور ميمڻ کي آٿت ڏني ۽ مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.هنن سرڪار کان مطالبو ڪيو ت غريب دڪاندار جي مالي مدد ڪئي وڃي.   

Read Previous

فرانس ۾ گستاخ رسول صه وارا خاڪا ٺاھڻ واري عمل خلاف ناموس رسالت ڪميٽي نوابشاهه جي سڏ تي نوابشاهه شھر ۾ مڪمل شٽر ڊائون ھڙتال ڪئي وئي

Read Next

ڳڙھي خيرو : مشهور بزرگ ھستيءَ درگاه لال شاھ بري جي ساليانه عرس مبارڪ جو ٽن ڏينهن کان ميلو جاري

Most Popular