پريالوء جي ڪچي واري علائقي ۾ اوڍا, ناريجا ۽ جتوئي برادين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تيز, 2 نوجوان قتل

خيرپور (ڊر) پريالوء جي ڪچي واري علائقي ۾ اوڍا, ناريجا ۽ جتوئي برادين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تيز, 2  نوجوان قتل, هٿياربندن جي ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو تي چڙهائي ، فائرنگ ، راڪيت لانچر جا گولا فائر, پوليس جو علائقي کي ڪڙو, مارجي ويل ۽ زخمي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين واقعي واري هنڌ پيل, خبر موجب باک ڦٽي مهل پريالوءِ جي ڪچي واري فيض محمد ٻندو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو تي اوڍا جتوئي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران ٻنهي ڌرين وچم ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ هلندي رهي جنهن ۾ جي ٿري, ڪلاشنڪوف سان فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرن جا گولا پڻ فائر ڪيا ويا جنهن سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو ٻنهي ڌرين وچم ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ دوران گوليون لڳڻ سبب ناريجا برادري جو 18 سالا نوجوان سڄڻ پٽ راحب ناريجو مارجي ويو جڏهن ته عبدالرشيد ناريجو زخمي ٿي پيو جڏهن ته فائرنگ دوارن گوليون لڳڻ سبب اوڍا برادري جو ربڏنو پٽ ڪريم بخش اوڍو پڻ مارجي ويو جنهن جو لاش وارث کڻائي ڳوٺ پهتا ته پوليس پڻ پهچي وئي جنهن بعد مارجي ويل ربڏنو اوڍو جو لاش تعلقه اسپتال پيرجوڳوٺ مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ جڏهن ته ناريجا برادري جي مارجي ويل توڙي زخمي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين نه ئي اسپتال آندا ويا ۽ نه ئي پوليس حوالي ڪيا ويا هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي خيرپور مختلف ٿاڻن جي نفري ساڻ ڪري ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو پهچي علائقي کي ڪوڙي چاڙهي ڇڏيو علائقي کي مڪمل طور تي سيل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پوليس صحافين سميت ڪنهن کي جهيڙيندڙ علائقي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏئي. جڏهن ته ٻئي طرف صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي حملي ۾ مارجي ويل سڄڻ ناريجو جي پيءِ راحب ناريجو ٻدايو ته اوڍا جتوئين جي هٿياربندن پوليس جي مدد سان اسان جي گهرن تي حملو ڪري اسان جا ماڻهون ماريا آهن ۽ پوليس سرعام اوڍن جي ونگار وهندي اسان جي ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهيو ڇڏيو آهي آخري اطلاعن تائين علائقي کي پوليس جو ڪڙو برقرار هو ۽ نه زخمي توري مارجي ويل جو لاش پوليس حوالي  ڪونه ڪيا ويا

Read Previous

ڳڙھي خيرو : مشهور بزرگ ھستيءَ درگاه لال شاھ بري جي ساليانه عرس مبارڪ جو ٽن ڏينهن کان ميلو جاري

Read Next

حيدرآباد: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو

Most Popular