حيدرآباد: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي قيادت سامونڊي ٻيٽن تي قبضو سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي وڏي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته سامونڊي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ بعد سنڌ جي اوچي ڳاٽ ڪارونجهر کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سامونڊي ٻيٽ ۽ ڪارونجهر جبل سنڌ جو تاريخي تهذيبي ورثو ۽ سرمايو آهن، جن خلاف هر سازش سان سخت مزاحمت ڪندي هر محاذ تي ڀرپور مهاڏو اٽڪائينداسين، وفاقي حڪومت صدارتي آرڊيننس واپس نه ورتو ۽ پيڊا جو قيام ختم نه ڪيو ته جيل ڀريو تحريڪ به شروع ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪالهه سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٻيٽن تي وفاقي سرڪار جي قبضي خلاف حيدرآباد ۾ تاريخي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ خلاف جيڪا به جارحيت ۽ سازشون آهن انهن خلاف سنڌ ايڪشن ڪاميٽي للڪار بڻجي ميدان تي اچي چڪي آهي،اسان وطن جا ٻيٽ بچائڻ نڪتا آهيون، سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، جيستائين جيئرا آهيون، سنڌ کي ورهائڻ ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ نه ڏينداسين. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه چيو ته حڪمران سنڌ جي ڊيموگرافي کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي جنهن خلاف سڄي سنڌ اٿلي پئي آهي، هن چيو ته سنڌ جي وسيلن تي قبضو صدر مملڪت ڪري يا ٻيو ڪو ڪري اهو سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو، سنڌ حڪومت وٽ هاڻ صرف ٻه رستا بچيا آهن، هڪ اهو ته سنڌ سرڪار سي سي آءِ ۾ وڃي سنڌ دشمن منصوبي کي ختم ڪرائي يا وري عدالت سان رجوع ڪري ٻيٽن جو قانوني تحفط ۽ مالڪي ڪري. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ ڪڏهن به ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ وارو صدارتي آرڊيننس قبول نه ڪندي، سنڌ ڏانهن ميري اک ڪنهن کي به کڻڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته سنڌ امڙ جي مالڪي ان جا ڌرتيءَ ڌڻي ڪرڻ لاءِ تيار آهن، سنڌ اڄ ڏکين حالتن مان گذري پئي، اسان پنهنجي وطن ۽ وسيلن جو هر محاذ تي تحفظ ڪندسين.

Read Previous

پريالوء جي ڪچي واري علائقي ۾ اوڍا, ناريجا ۽ جتوئي برادين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار تيز, 2 نوجوان قتل

Read Next

چين جي مشهور ڪمپني شياومي ايپل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

Most Popular