مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

لاهور:  ) احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. عدالت اپوزيشن اڳواڻ ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم جي لاءِ 11 نومبر تي طلب ڪري ورتو. مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي بڪتر بند گاڏين ۾ احتساب عدالت آندو ويو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. فاضل جج پڇاڻو ڪيو ته هاءِ پروفائل ڪيسن سبب ٻاهرين عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گهرو سيڪريٽري طرفان ڪير پيش ٿيو، پراسيڪيوٽر چيو ته گهرو سيڪريٽري جو ڪوبه نمائندو عدالت ۾ پيش ناهي ٿيو جنهن تي فاضل جج چيو ته گهرو سيڪريٽري ۽ ايس پي سٽي کي فوري طور تي وائرليس ڪئي وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس تي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ ليگي اڳواڻ مريم نواز احتساب عدالت ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پي ڊي ايم جي جلسن ۽ گلگت بلتستان اليڪشن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ۾ مريم نواز چيو ته حڪومت جو معيار سيٽ ڪري رهيا آهن انهن کي ڀڳتڻو پوندو. ايندڙ سال اليڪشن جو آهي. گلگت بلتستان جون چونڊون مسلم ليگ(ن) ئي کٽيندي.

Read Previous

ڪورونا جو امڪان: صحت بابت عالمي اداري جي سربراهه پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو

Read Next

عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهيو آهي، ملڪ کي هلائڻ لاءِ نيب کي تالو لڳايو وڃي: شاهد خاقان

Most Popular