ڪورونا جو امڪان: صحت بابت عالمي اداري جي سربراهه پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو

جنيوا:  ڪورونا جي امڪان کي نظر ۾ رکندي صحت جي عالمي اداري جي سربراهه ٽيڊروس ادبانوم پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي پيغام ۾ ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ٻڌايو ته منهنجي هلندڙ ڏينهن دوران ڪنهن سان ملاقات ٿي هئي جنهن جو ڪورونا پازيٽو آيو هو جنهن کان پوءِ هن اڪيلائي اختيار ڪري ورتي آهي. ٽيڊروس ادهانوم جو چوڻ آهي ته مون ۾ ڪورونا جي ڪابه نشاني ناهي ۽ مان خيريت سان آهيان پر ڊبليو ايڇ او جي پروٽوڪول موجب گهر ۾ ڪم ڪندس.  هن چيو ته اهو انتهائي ضروري آهي ته اسان  سڀ صحت جي رهنمائي تي عمل ڪريون. اهڙي طرح اسان ڪورونا جي منتقلي کي روڪي صحت جي نظام جي حفاظت ڪنداسين. ياد رهي ته سڄي دنيا ۾ هينئر تائين ڪورونا سبب 4 ڪروڙ 60 لک 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وبا جو شڪار ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 11 لک 90 هزار 600 جي ويجهو فوتگيون به رڪارڊ ٿي چڪيون آهن.

Read Previous

چين جي مشهور ڪمپني شياومي ايپل کي به پوئتي ڇڏي ڏنو

Read Next

مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular