مورو : جوابدار جاڙو ڏھر جي گھر تي ڇاپو ھڻي ھڪ پسٽل ۽ ٻہ موٽرسائيڪلون ھٿ ڪيون آھن : پوليس

مورو (رپورٽر  محمد. انيس ڪلھوڙو) سب ڊويزن مورو ۾ ڏوھن جي وارداتن کان پوءِ ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف حسين لغاري جي اڳواڻي ۾ ٻن ڏينھن کان ڏوھارين خلاف ڪيل آپريشن ۾ ڇاپا ھڻي ٽن وڌيڪ ڏوھارين کي ڦر ڪيل 06 موٽرسائيڪلن سميت ٻہ پسٽل، ھڪ رپيٽر بندوق ۽ ٻہ ڪلو 20 گرام چرس ھٿ ڪري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي مورو عبداللھ لاکير ۽ ايس ايڇ او مورو منيم احمد لاڙڪ ڊي ايس پي آفيس مورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ ايس ايس پي نوشھرو فيروز  الطاف حسين لغاري جي اڳواڻي ۾ 06 ٿاڻن جي پوليس اھلڪارن پاران سب ڊويزن مورو جي مختلف ڳوٺن جنھن ۾ غريبو بھڻ، ڳوٺ غلام حسين مشوري، ڳوٺ منگو خان ڏھر تي ڇاپا ھڻي ٽن جوابدارن شير خان بھڻ جي گھر تي ڇاپو ھڻي ڦر ڪيل چار موٽرسائيڪلون ھڪ پسٽل ۽ ٻہ ڪلو 20 گرام چرس ھٿ ڪيو آھي، جڏھن تہ جوابدار جاڙو ڏھر جي گھر تي ڇاپو ھڻي ھڪ پسٽل ۽ ٻہ موٽرسائيڪلون ھٿ ڪيون آھن، جڏھن تہ جوابدارن محمد حسن مشوري جي گھر مان ھڪ رپيٽر بندوق ۽ ڪارتوس ھٿ ڪيا آھن، مذڪورہ پڪڙيل جوابدار شير خان بھڻ مٿان موٽرسائيڪلن ڦرن ۽ چورين جا 14 ڪيس ضلعي نوشھرو فيروز جي مختلف ٿاڻن تي داخل ٿيل آھن، جڏھن تہ مذڪورہ پڪڙيل جوابدار جاڙو ڏھر ۽ محمد حسن مشوري جيڪي پاٿاري دار پڻ آھن جيڪي ماڻھن کان ڀنگ وٺي چوري ڪيل سامان واپس ڪرائيندا آھن پڪڙيل جوابدارن مٿان پاٿاري داري سميت ڦرن ۽ منشيات جا الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، ڊي ايس پي مورو وڌيڪ ٻڌايو تہ ڏوھارين خلاف سخت آپريشن جاري آھي جيسيتائين مشھور ڌاڙيل نذير عرف لوٽي جت گرفتار نہ ٿو ٿيئي تيسيتائين آپريشن جاري رھندو ۽ ڏوھارين جو ساٿ ڏيڻ وارن کي بخش نہ ڪيو ويندو جڏھن تہ پوليس اھلڪارن جيڪي ڏوھارين سان مليل ھوندا انھن خلاف ڪيس داخل ڪري سخت قانوني ڪاروائي ويندي، ان موقعي تي ايس ايڇ او نوان جتوئي مير محمد رند، ايس ايڇ او درس ٿاڻو محمد اسلم سومرو پڻ گڏ ھئا، ياد رھي تہ سب ڊويزن مورو ۾ ڏوھن ۽ موٽرسائيڪل ڦرن ۽ چوري جي وارداتن ۾ واڌ اچڻ کان پوءِ ايس ايس پي نوشھرو فيروز الطاف حسين لغاري پاران سڄي ضلعي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن شروع ڪري ڏنو آھي،..

Read Previous

وفاقي حڪومت مهانگائي جي حد ڪري ڇڏي آهي پي ڊي ايم ڪرپٽ ماڻهن تي مشتمل ٽولو آهي: فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم

Read Next

دادو ۾ آل سنڌ روينيو ملازم يونين پاران مرڪزي سڏ تي فرانس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular