دادو ۾ آل سنڌ روينيو ملازم يونين پاران مرڪزي سڏ تي فرانس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

دادو(ڊ ر) دادو ۾ آل سنڌ روينيو ملازم يونين پاران مرڪزي سڏ تي فرانس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، روينيو ملزمن ڊي سي آفيس آڏو احتجاج بعد علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي، مظاهرين گلزار سومرو، قادر کوسو، قيوم پنهور، محبوب شاهه، روشن ٺٽيار ۽ ٻين فرانس ۾ ٿيل گستاخي تي فرانس جي صدر خلاف شديد نعري بازي ڪندي چيو ته پاڪستان سرڪار کي فرانس پاران نبي پاڪ جا خاڪا شايع ڪري توهين ڪرڻ تي فرانس جي سفارتخاني کي بند ڪري عملي کي واپس موڪلڻ گهرجي هنن چيو ته عاشقان رسول جي دل آزاري ڪئي وئي آهي جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو

Read Previous

مورو : جوابدار جاڙو ڏھر جي گھر تي ڇاپو ھڻي ھڪ پسٽل ۽ ٻہ موٽرسائيڪلون ھٿ ڪيون آھن : پوليس

Read Next

تمام جلد ڪاليج جو اڏاوتي ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اتي شاگردياڻين جو تدريسي عمل پڻ شروع ڪيو ويندو: شرجيل انعام ميمڻ

Most Popular