آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ رانا ثناءُالله ڏهه نومبر تي طلب

لاهور:  نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ اڳوڻي قانون واري وزير رانا ثناءُالله کي 10 نومبر تي طلب ڪري ورتو. رانا ثناءُالله کي سمورا دستاويز به گڏ آڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. نيب لاهور مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ رانا ثناءُالله کي 10 نومبر ٻنپهرن جو2  وڳي طلب ڪري ورتو. نيب جي جوائنٽ انويسٽيگيشن  ٽيم رانا ثناءُالله کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي. ذريعن موجب رانا ثناءُالله کي سمورو لاڳاپيل رڪارڊ گڏ آڻڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. رانا ثناءُالله ان کان اڳ 10 سيپٽمبر تي نيب جاچ ٽيم جي آڏو پيش ٿيو هو. ذريعن موجب رانا ثناءُالله  اڻ مڪمل دستاويز فراهم ڪيا هئا. رانا ثناءُالله جي فيصل آباد ۽ ڪلرڪهار ۾ ڪروڙين روپين جون ملڪيتون سامهون آيون آهن. نيب رانا ثناءُالله سان گڏوگڏ ان جي ناٺي ۽ گهر ڀاتين جي خلاف به اثاثن جي جاچ ڪري رهيو آهي.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان ننڍين صنعتن جي لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

نيب چيئرمين جي اثاثن جا تفصيل نٿا ڏئي سگهجن: انفارميشن ڪميشن جو فيصلو

Most Popular