نوشهروفيروز ۾ بلدياتي ملازمن پاران پگهارون آن لائن نه ٿيڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ( آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن جي مرڪزي سڏ تي نوشهروفيروز ۾ بلدياتي ملازمن پاران پگهارون آن لائن نه ٿيڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي اڳواڻي ضلعي صدر شڪيل احمد وسطڙو، نويد احمد تڳر، راجا ڪشن، مولا بخش شيخ، پير اشرف، زيد احمد جتوئي، علي اڪبر سومرو، محمد اقبال راڄپر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بلدياتي کاتي جا ملازم پگهارون آن لائين نه ٿيڻ ڪري وڏي عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سنڌ حڪومت ڪوڙا دلاسا ۽ واعدا ڪري اسان سان ناجائزيون جاري رکندي پئي اچي. هنن چيو ته ٻين کاتن جي ملازمن جا پروموشن ڪيا وڃن ٿا پر ضلع ڪائونسل جي سينيئر ملازمن سميت بيلدار، پٽيوالا ۽ مالهين کي به اب گريڊ نه ٿو ڪيو وڃي نه ئي سينيئر آفيسر جا پروموشن ڪيا وڃن ٿا جيڪا پڻ سراسر زيادتي آهي. ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طوري اسان جون پگهارون آن لائن ڪري ٻيا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن نه ته ٻي صورت ۾ 17 نومبر تي ڪراچي ۾ رکيل ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

Read Previous

سکر : ھينئر وري سپلا جي اڳواڻ نامور پروفيسر عبد الجبار جوڻيجو مٿان حملو ڪري کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو آھي

Read Next

فاريسٽ کاتي نوشهروفيروز جي ملازمن طرفان ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular