فاريسٽ کاتي نوشهروفيروز جي ملازمن طرفان ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوشهروفيروز(رپورٽ توحيق احمد ميمڻ) فاريسٽ کاتي نوشهروفيروز جي ملازمن طرفان ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ، ٽائيم اسڪيل، وردي، پگهارون آن لائين نه ٿيڻ ۽ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صدر موريل خان سولنگي، شهمير خان مري، عبدالرشيد، طارق، ثناءُ الله وسطڙو ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ٽن مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ ڪري بکون ڪاٽي رهيا آهيون جڏهن ته دڪاندار سودو سامان ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. هنن چيو ته پنجاب صوبي جي ملازمن جون پگهارون آن لائين ٿيڻ سان گڏ انهن کي ٽائيم اسڪيل پڻ ڏنو ويو آهي پر سنڌ جي ملازمن سان ناانصافيون جاري آهن جڏهن ته اسان کي هن مهل تائين نه وردي ڏني وئي آهي نه ئي وري هٿيار ڏنا ويا آهن. هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته خدارا اسان جون پگهارون جاري ڪري فاڪاڪشي کان بچائي پگهارون آن لائين ڪرڻ سان گڏ پنجاب جي ملازمن جي برابر اسڪيل ڏئي ٽائيم اسيڪل، سن ڪوٽا، وردي ۽ هٿيار ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

Read Previous

نوشهروفيروز ۾ بلدياتي ملازمن پاران پگهارون آن لائن نه ٿيڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

Read Next

پهريون ڀيرو اہلسنت ۽ اهل تشيع جي علماء ڪرامن پاران ( وحدت پروگرام) تحت جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي شاندار تقريب ملهائي ويئي

Most Popular