پهريون ڀيرو اہلسنت ۽ اهل تشيع جي علماء ڪرامن پاران ( وحدت پروگرام) تحت جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي شاندار تقريب ملهائي ويئي

مٽياري (رپورٽ: آس ) اراڪين عشق ڪربلا هالا پاران هالا شهر ۾ پهريون ڀيرو اہلسنت ۽ اهل تشيع جي علماء ڪرامن پاران ( وحدت پروگرام) تحت جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي شاندار تقريب ملهائي ويئي. جشن تقريب ۾ هالا سان تعلق رکندڙ شيعه، سني جماعتن سان تعلق رکندڙ تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن سميت هر مڪتب فڪر سان تعلق معزز شخصيتن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميلا تقريب  ۾ شيعه، سني فرقن سان تعلق رکندڙ نامور نعت خوانن  جنهن ۾ سيد مير محمد شاهه، سليمان ناياب، زوار سرفراز جاني، قمر الدين جاني عيساڻي، زوار عابد علي، زوار نفيس احمد ميمڻ سميت ٻين حضور ﷺ جن جي ولادت باسعادت، جي موقعي تي عقيدت جا گل نڇاور ڪندي پنڊال ۾ موجود ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي طرف اہلسنت جي نامور عالم مولانا فاروق احمد ظاهري، وحدت المسلمين جي  مرڪڙي اڳواڻ مولوي اختر حسين خان وٺي، مولوي ذوهيب علي قمي، مولانا اعجاز شريعت، مولانا دوست علي سعيدي جن وحدت پروگرام تحت ملهايل جشن ميلاد جي تقريب ۾ شريڪ شهرين کي خطاب ڪندي حضور صلعم ﷺ جن کي پيٽا پيش ڪئي. ان کا اڳ اراڪين ڪاروان عشق ڪربلا هالا جي اڳواڻ مولوي ذوهيب علي ارباب قمي، زوار ذوالفقار ميمڻ، شاڪر احمد ميمڻ، زوار عمران عثمان ميمڻ جن ميلاد ۾ شرڪت ڪئي،

Read Previous

فاريسٽ کاتي نوشهروفيروز جي ملازمن طرفان ٽن مهينن کان پگهارون نه ملڻ ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Read Next

ميھڙ : گاجي کھاوڙ ڳوٺ ڪڙيو سڀڙ خان لاشاري جا رھواسي احتجاجي مظاهرو ڪندي

Most Popular