درازا شريف سانحي جي شهيدن حرن جي فقير نور حسن خاصخيلي سميت ٻارنهن شھيدن جي پنجين ورسي جو تاريخي جلسو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي)  سنجھورو شهر ۾ حر جماعت جي خليفي ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي ۽ ٻين جي ميزباني ۾ ٿي گزريو جلسي ۾ پير سيد محمد اسماعيل شاھ راشدي,فنڪشنل ليگ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سردار رحيم-ايم پي اي نصرت سحر عباسي-ڪاشف نظاماڻي سميت فنڪشنل ليگ جي صوبائي قيادت ايم ايس ايف جي اڳواڻن سميت حر جماعت ۽ سياسي سماجي اڳواڻن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي- ان موقعي تي پير سيد اسماعيل شاه راشدي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته   جي شرڪت درازا سانحي جي شھيدن جي ورسي جلسي کي پير اسماعيل شاھ راشدي صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سچل جي نگري ۾ شھيد ٿيل درازا سانحي جي شھيدن جو خون اسان ڪڏھن به رائگان ٿيڻ نه ڏينداسين شھيدن جي خون سان سرڪاري سطح تي پنج سال گذرڻ باوجود انصاف نه ٿيڻ جي زميوار پ پ جي سنڌ حڪومت آھي جيڪا حڪومت اقتدار خاطر سنڌ ڌرتيء جو سودو ڪري ان نااھل حڪمرانن مان درازا جي شھيدن جو انصاف گھرڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ برابر ھوندو شھيد فقير نورحسن سميت درازا جي شھيدن جا وارث اڪيلا نه آھن اسان ھنن جي مالڪي ڪئي آھي ۽ ڪري رھيا آھيون جي ڊي اي ايم پي اي نصرت سحر عباسي خطاب ڪندي چيو ته ھي لکين ماڻھن جو سمنڊ اڄ درازا جي شھيدن جي بي رحمانه ٿيل قتلام جي مذمت ڪرڻ سان گڏ عدالتن کان انصاف گھري رھيو آھي جن حڪمرانن سنڌ جا ٻيٽ ۽ وسيلا اين او سي تي صحيح ڪري اقتدار خاطر وفاق حوالي ڪرڻ وارن مان سنڌ ڌرتيء ۽ سنڌ جي عوام کي ڪڏھن به انصاف نه ملندو سنڌ جا ٻيٽ ھٿ سان ڏيئي سنڌ جي عوام کي بيوقوف ڪرڻ لاء ماتم ڪندڙ پ پ جي سنڌ حڪومت جو جلد سياسي کيل ختم ٿيئڻ وارو آھي ڇو جو سنڌ جو عوام سياسي طور تي سڄاڳ ٿي چڪو آھي فنڪشنل جي صوبائي جنرل سيڪريٽري عبدالرحيم خطاب ڪندي چيو ته شھادتون سدائين حُرن کي نصيب ٿينديون آھن درازا سانحي جي شھيدن جي خون سان انصاف نه ٿيئڻ اسان جي حڪمرانن لاء ھڪ سواليه نشان آھي سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آھن انھن تي پيرپاڳاري جي قيادت ۾ قبضو ڪڏھن به برداشت نه ڪبو ڪامريڊ نثار  چيو ته ڌانڌلي جي پئداوار سنڌ حڪومت کان درازا جي شھيدن جو انصاف گھرڻ پنھنجي پاڻ سان ناانصافي ڪرڻ برابر آھي اين او سي تي صحيح ڪندڙ سنڌ جي وزيراعلي سميت جيڪڏھن پ پ سنڌ سان سچي آھي ته ھو سنڌ جي ٻيٽن تي سنڌ جي عوام سان روڊن تي اچڻ گھرجي جي ڊي اي ايم پي اي خليفه وريام فقير خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته شھيد نور حسن سميت درازا جا سمورا شھيد منھنجي لاء نور حسن آھن ھيء لکين ماڻھن جو سمنڊ مون سميت درازا جي وارثن سان گڏ آھي اسان اڪيلا ناھيون اسان جي مالڪي مرشد رھبر پير سائين پاڳارو اڄ به ڪري رھيو آھي اقتدار پيپلزپارٽي جي ھر وقت ڪمزوري آھي اقتدار خاطر سنڌ جا وسيلا ته ڇا پر سڀ ڪجھ کپائڻ لاء ھن وقت سنڌ حڪومت تيار آھي عامر ڀٽو خطاب ڪندي چيو ته درازا جي شھيدن جي خون سان انصاف نه ٿيئڻ جا زميوار اسان جا حڪمران آھن ڇو جو پنج سال اڳ ۾ درازا ۾ سرڪاري مشينري سان بيدردي سان اسان جا حُر شھيد ڪيا ويا سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ ئي رھندي سنڌ جا ٻيٽ ته ڇا پر ھڪ انچ به سنڌ دشمنن کي نه ڏينداسين درازا جي شھيدن جي ورسي جلسي کي غلام مرتضي شاھ, ڊاڪٽر ڪريم شيخ, ڪنور جميل ,ڪامريڊ نثار, , ڊاڪٽر رفيق ٻاڀيڻ, ڪاشف نظاماڻي,خدابخش راڄڙ,سعيد خان نظاماڻي,ڊاڪٽر ھاشم خاصخيلي اڪبر مري,خليفو قاسم فقير مھر,فقير محمد بخش خاصخيلي, دستگير نانو راڄڙ,, ,فقير اسماعيل مهر,فقير حسين بخش خاصخيلي,فقير نصرالله ورياماڻي,وقار جٽ,بچل فقير ورياماڻي,فقير غلام نبي بھڻ,فقير وڪيل ڀاڻوجو ۽ ٻين فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن خطاب ڪيو

Read Previous

سانگهڙ ۾ موجود تيل ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ تي سوين مري قوم اتحاد جي ماڻهن جو ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاج

Read Next

مٽياري ۾ شعيه علماء ڪائونسل مومنين پاران جشن ولادت باسعادت صادقین لبيڪ يا رسول ﷲ ريلي

Most Popular