مٽياري ۾ شعيه علماء ڪائونسل مومنين پاران جشن ولادت باسعادت صادقین لبيڪ يا رسول ﷲ ريلي

مٽياري (رپورٽ: آس ) مٽياري ۾ شعيه علماء ڪائونسل ۽ منتظرين امام مهدي عه آرگنائزیشن ۽ مومنين پاران جشن ولادت باسعادت صادقین لبيڪ يا رسول ﷲ ريلي جو شاندار اهتمام ڪيو ويو ريلي مٽياري جي مرڪزي امام بارگاهه کان برآمد ڪئي وئي ريلي جي اڳواڻي شيعا علماء ڪائونسل تعلقه مٽياري جي صدر زوار طالب حسين منتظري، سيد عادل شاہ آصف علي خاصخيلي، علي فيضان خاصخيلي، مدد علي، مظهر علي، راجا حيدري ، زوار صفيل، سميت ٻيا اڳواڻ ڪندا رهيا ريلي مختلف هنڌن تان ٿيندي مٽياري جي مين اسٽاپ تي پهتي جتي مٽياري جي مشهور عالم دين علامه مولا بخش هالائي، ۽ مولوي مريد علي حسيني ۽ ٻين عالمن سڳورن ريلي کي خطاب ڪري حضرت محمد مصطفي ﷺ جي زندگي تي روشني وڌي جڏهن ته ريلي ۾ نعت خواني ايمان علي، سميت ٻين ٻين ڪيترن ئي حضور ڪريم ﷺ جي شان ۾ نعت خواني ڪئي ريلي مختلف هنڌن تان ٿيندي مسجد زين العابدين تي اختتام پذیر ٿي

Read Previous

درازا شريف سانحي جي شهيدن حرن جي فقير نور حسن خاصخيلي سميت ٻارنهن شھيدن جي پنجين ورسي جو تاريخي جلسو

Read Next

آل پاڪستان مري اتحاد پاران سڪرنڊ پوليس جي چڙهائي دوران ٻن معصوم ٻارڙن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular