سانگهڙ ۾ موجود تيل ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ تي سوين مري قوم اتحاد جي ماڻهن جو ڊپٽي ڪمشنر آفيس اڳيان احتجاج

سانگهڙ (رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي ) سانگهڙ ۾ موجود تيل ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ تي سوين مري قوم  اتحاد جي ماڻهن جو ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي سامهون جمع ٿي تيل ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ تي نعريبازي ڪئي ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ڊپٽي ڪمشنر جي آفيس اڳيان رئيس انور علي مري مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته گيس آئيل ڪمپني مقامي ماڻهن کي تمام گهڻو نظر انداز ڪيو وڏي مقامي ماڻهن جي حق جي لتاڙ ڪئي آهي اسان جي دل آزاري ڪئي آهي مظاھرين خطاب ڪندي چيو ته ضلعي سانگهڙ ۾ تمام گهڻو تيل آئل نڪتو آهي پر ان جي ان سھوليت ڪابه نه ڏني وئي آهي جڏهن ته قانون مطابق گيس تيل جي آئيل نڪرڻ جي پنج ڪلوميٽر تائين پڪا روڊ اسڪول، اسپتال ماڻهن جي سھولت مھيا ڪئي وڃي اھو انھن جو حق آهي انهن حق جي لتاڙ ڪري ٻين صوبن جي ماڻهن کي روزگار ڏنو ۽ اسان جي ماڻهن کي ڌڪيو ويو افسوس ان ڳالھ جو آهي ته پٽيوالو، چوڪيدار، پيش امام ب ڌاريا کنيا ويا مگر اسان اڄ گڏ ٿي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ ٻيون سھولتون نه ڏنيون ويون ته اسان اڳتي گيٽ بند ڪري پنھنجو ڄق وٺنداسون ان تي اي ڊي سي ٽو اسد ﷲ کوسو اچي مطالبن جي مڃتا لاءِ يقين ڌياني ڏني اھڙي طرح مري اتحاد جي ماڻهن رئيس انور علي مري، رئيس مزار خان مري، رئيس محمد خان مري ضلعي صدر غلام محمد مري ۽ ٻين ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان پريس ڪلب آڏو پنھنجا مطالبا رڪارڊ ڪرايا

Read Previous

پنوعاقل: شهر ۾ هنڌن تي گندي پاڻي جي ناڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين جو احتجاج

Read Next

درازا شريف سانحي جي شهيدن حرن جي فقير نور حسن خاصخيلي سميت ٻارنهن شھيدن جي پنجين ورسي جو تاريخي جلسو

Most Popular