خيرپور ۾ هنڱورجا جي رهواسي جو ڀائرن خلاف احتجاج

خيرپور (ڊر) خيرپور ۾ هنڱورجا جي رهواسي جو ڀائرن خلاف احتجاج، ملڪيت تي قبضي ۽ خوني ڌمڪين جا الزام. خبر موجب هنڱورجا جي رهواسي ڪفايت الله شيخ پنهنجي پٽ سميت خيرپور پهچي پنهنجي ڀائرن عنايت الله شيخ، رحمت الله، حمدالله، عطا الله ۽ احمد دين شيخ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته سندس والد محمد عمر شيخ ۽ والده فوت ٿي ويا آهن جنهن بعد منهنجي ڀائرن اباڻي ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ من کي ٻچن سميت سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهران لوڌي ڪڍي ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهن جي ڏاڍائين خلاف نيڪ مردن وٽ دانهڻ تي هو مون مٿان ناراض ٿي مون کي ۽ منهنجي گهرڀاتين کي قتل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته هنڱورجا پوليس وٽ به شڪايت ڪئي آهي پر پوليس به منهنجي ڀائرن کان رشوت وٺي سندن ڪمداري ڪري رهي آهي ۽ هنن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري. هن ڊي آءِ جي پوليس سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري موروثي ملڪيت مان حصو ڏياريو وڃي.

Read Previous

سرسو پاران سنڌ ۾ سُهانجڙو وڻڪاري مهم هيٺ ڳوٺن ۾ 656 نرسرين جي قيام ذريعي 300000 ٻوٽا تيار ڪري ورهايا ويا

Read Next

شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪيمپس مينجمينٽ سيل ۽ پلانٽيشن ۽ بيوٽيفيڪيشن سيل اجلاسن جي صدارت ڪئي

Most Popular