شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪيمپس مينجمينٽ سيل ۽ پلانٽيشن ۽ بيوٽيفيڪيشن سيل اجلاسن جي صدارت ڪئي

خيرپور (ڊر) شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڪيمپس مينجمينٽ سيل ۽ پلانٽيشن ۽ بيوٽيفيڪيشن سيل جي ٻن اهم اجلاسن جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو اجلاس ڳالهائيندي چيو ته ڪيمپس مينجمينٽ سيل جي قيام جو مقصد يونيورسٽي جي مختلف انتطامي سيڪشنز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ آهي. هن چيو ته هن ڪم ۾ منهنجو مڪمل سهڪار ۽ سرپرستي رهندي. اسان مثبت قدمن طرف گامزن آهيون. هي سيل رجسٽرار آفيس جي نگراني ۾ ڪم ڪندو، جنهن ۾ تمام انتظامي آفيسر، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (ورڪس)، آئي ٽي مينيجر، ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل هن سيل جي ماتحت ڪم ڪندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انتظامي آفيسر 50000 رپين تائين مرمت جو ڪم رجسٽرار جي نگراني ۾ ڪندا، جڏهن ته 50000 کان وڌيڪ لاڳت وارو ڪم پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (ورڪس) ڏانهن روانو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو، انجنيئر غلام مجتبيٰ عباسي، انجنيئر غلام اصغر شيخ، انجنيئر فيض محمد شيخ، خليل الرحمٰن شيخ، سيد شفقت شاه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوڏانهن پلانٽيشن ۽ بيوٽيفيڪيشن سيل جي اجلاس ۾ پلانٽيشن ۽ بيوٽيفيڪيشن سيل جي انچارج راشد علي عامر وائيس چانسلر کي آگاهي ڏني ته يونيورسٽي اندر وڻڻ جي ڇانگ ۽ صفائي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. مختلف ادارن ۽ فاريسٽ ڊپارٽمنٽ کان موسمي گلن ۽ ٻوٽن جي لاءِ ٻج پڻ ورتو ويو آهي. سالياني گلن جي نمائش مارچ مهيني ۾ منعقد ڪئي ويندي. نئين تعمير ٿيل تدريسي بلاڪ ۾ وڻن پوکڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو پلانٽيشن ۽ بيوٽيفيڪيشن سيل جي انچارج جي ڪوششن کي ساراهيو، جنهن مختصر عرصي دوران ڪيمپس جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪيمپس کي ماحول دوست بڻايو وڃي. اجلاس ۾ پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري، اعجاز علي سيال، طاهر عباس خاصخيلي ۽ ارسلان لاڙڪ شرڪت ڪئي.

Read Previous

خيرپور ۾ هنڱورجا جي رهواسي جو ڀائرن خلاف احتجاج

Read Next

ٺيڙھي شهر جي محله چنا ۾ ٽن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

Most Popular