ٺيڙھي شهر جي محله چنا ۾ ٽن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

خيرپور (رپورٽ: رانجهن شيخ ) ٺيڙھي شهر جي محله چنا ۾ ٽن گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک، خبر موجب ٺيڙھي شهر جي محله چنا جي رهواسين محمد شريف، علي رضا ۽ جمعو شيخ جي گهرن کي اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب گهرن ۾ رکيل روڪ رقم، هنڌ، سامان سميت الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، اطلاع باوجود فائربرگيڊ نه پهتي، جڏهن ته پاڙيوارن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو، متاثرن ٻڌايو ته گهر کي اوچتو باهه لڳي وئي، فائربرگيڊ کي بر وقت فون ڪئي پر انهن اهو چئي جواب ڏنو ته موٽر خراب آهن اسان نٿا اچي سگهون، هنن ٻڌايو ته گھرن کي باهه لڳڻ سبب الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو آهي، پاڙيوارن مدد ڪري باهه تي ضابطو آندو، جنهن ڪري ٻيا ڀرپاسي وارا گھر محفوظ رهيا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ھو اسان جي مالي سھائتا ڪئي وڃي.

Read Previous

شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪيمپس مينجمينٽ سيل ۽ پلانٽيشن ۽ بيوٽيفيڪيشن سيل اجلاسن جي صدارت ڪئي

Read Next

پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو مٿان قاتلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا.اسدالله حيدري

Most Popular