دادو ۾ مري برادري جي سوين ماڻهن جو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سندس پٽ فرحان مري کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

دادو:رپورٽ(محمد علی شیخ) دادو ۾ مري برادري جي سوين ماڻهن جو برادري جي نيڪ مرد مير قربان مري مٿان سڪرنڊ پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سندس پٽ فرحان مري کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف ميونسپل پارڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مظاهرين غلام رسول مري، جان محمد، سلطان مري ۽ قمبر  ۽ علي خان مري دادو پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهٽي جي معمولي تڪرار تان سڪرنڊ پوليس جي ايس ايڇ او اصغر اعواڻ مخالفن علي حيدر شاهه، الا بخش لاکو، غلام شاهه لغاري ۽ شير جمالي جي ونگار وهندي سندس برادري جي نيڪ مرد مير قربان مري خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، پوليس برادري جي نيڪ مرد جي گهر تي چڙهائي ڪندي سندس پٽ فرحان مري کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته هو پيپلز پارٽي جا ڪارڪن آهن ايس ايس پي نوابشاه، پيپلز پارٽي نواب شاه جي قيادت ۽ ايم اين اي ادي فريال ٽالپر کان اپيل ٿا ڪن ته ايس ايڇ او سڪرنڊ اصغر اعواڻ کي هٽائي مير قربان مري خلاف داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ۽ گرفتار ڪري گم ڪيل فرحان مري کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ بلوچستان جي مري برادري احتجاج جي دائري کي وڌائيندي.

Read Previous

نيوسعيدآباد بائي پاس تي مسافر ڪوچ جو ڪنڊيڪٽر ۽ ڪلينر 70 ورھين جي پوڙھي ھمراه کي بي ھوشي جي حالت ۾ مسافر ڪوچ مان لاھي فرار ٿي ويا

Read Next

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي انٽري ٽيسٽ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري انٽري ٽيسٽ ٽن ڏينهن ۾ ورتي پئي وڃي

Most Popular