سيد غلام حيدر شاهه قلندري.
اسان هميشه ھڪ لڪ لڪوٽي واري راند ڏسڻ جا عادي ٿي ويا آھيون، ڏسڻ ۾ ايندو رھندو آھي ته ظاھري ڳالھين ۽ اندروني ڪھاڻين ۾ وڏو فرق ھوندو آھي، جيئن اپوزيشن ليڊر ۽ اقتدار وارو ليڊر ظاھر ۾ ھڪ ٻئي تي تنقيد ڪندين ملندا آهن، پر جڏھن مفاد ٽڪرائجن ٿا ته کير ۽ کنڊ ٿيو وڃن، ائين ھڪ فرقي وارا ٻئي فرقي واري کي ڪافر ۽ جاھل چوندڙ، ھڪ ٻئي جي مسجد ۽ ھڪ ٻئي جي پويان نماز نه پڙھندڙ، عام ماڻھو کي بي وقوف ٺاھيندين ٺاھيندين ذاتي مقصدن لاءِ ھڪ ٿي وڃن ٿا، ائين ذاتي مفاد اسان کي اجتماعي مفادن کان وڌيڪَ عزيز آھن، اسان ڪنھن به شعبي ۾ ھجون عام انسان ۽ ملڪ وطن جي فلاح ۽ ڀلائي کان ھٽي ڪري پنهنجي ڳچي ۽ ذات سان وابسته مفاد اسان کي ھڪ ڪريو ڇڏين، پوءِ اتحاد قائم ٿيو وڃن، گڏجاڻيون ۽ احتجاج تقريرون وغيره وغيره، پر ڪم نڪتو ته سڀ ڊامان ڊول، ھر ھڪ فيلڊ ۾ ذاتيات کي وڏي اھميت ڏني ٿي وڃي، نتيجن اجتماع تي افرادي قوت حاوي ٿيو ٿي وڃي، پوءِ اسان جي معاشري ۾ اجتماعي ڪم ۽ انھن طرف اچڻ ڏکيو ٿيو وڃي، وڏا وڏا جوڙ جڪ قبيلن ۾، تنظيمن ۾، ذاتين ۾، رسمن ۾، تبديل ٿيو وڃن، جيتوڻيڪ سڀني انسانن جا مفاد ھڪ جھڙا ٿيندا آھن، پر سوچن ۽ ذھنن تي فقط پاڻ سان وابسته مفادن کي ترجيح ڏني ٿي وڃي، پوءِ ان کي اُھي پليٽ فارم استعمال ڪري پنهنجا ذاتي مفاد ۽ مقصد حاصل ڪيا ٿا وڃن، ڏٺو وڃي ته انھن کي اتحاد منجهه کڻي ھلڻ وارن سان ڪو به غرض ناھي ھوندو، فقط ڪم نڪتو پنو ڦاٽو، اھڙن شعبه بازن دين مذھبن کان وٺي نيڪي جا فورم بي دريخي کان استعمال ڪيا آھن ۽ ڪندا رھن ٿا، ويچارن ڏتڙيل ۽ اٻوجھن انسانن کي استعمال ڪري کوکلا نعرا ھڻائي پنهنجي ذات ۽ خاندان جي فائدي لاءِ اڳيان آڻي پاڻ پردي جي پويان ويھي رھن، ڪم ٿيڻ جي صورت ۾ نڪري نروار ٿين ٿا، سزا ۽ جزا لاءِ عام ماڻھو اڳتي اچي ڀوڳي ٿو، ان کي فقط واھ واھ ڦٻي ٿي، جيئن ھڪ پير جو خليفو، ھڪ ليڊر جو نعريباز، چاپلوسي ڪمدار ھڪ وڏيري جو واٺو، ڪنھن آفيسر جو ڪمائو گراھڪ آڻي ڄار ۾ فاسائڻ وارو ويجھو آفيس ۾ ڪم ڪندڙ، بس سڀني جون گھرجون محدود پنهنجي پنهنجي ذات تائين ۽ استعمال ظاھر ٻيو فرد ٿئي ٿو، اھڙا ھاٿي جا ڏند جيڪي ڏيکارڻ مھل ڪجهه ٻيا ۽ کائڻ وقت تبديل، جيڪڏهن اھڙ فرد انسانن جي ويس ۾ ڪنھن به شعبي ۾ ڏسو ته احتياط ڪجو، ٿي سگھي ته مٺيون ڀيڙي ڀڄو.