پاڪستان هن وقت بدترين دور مان گذري رهيو آهي نه صحت آهي، نه تعليم نه وري روزگار : قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو

نوشهروفيروز(رپورٽ: آس ) پاڪستان هن وقت بدترين دور مان گذري رهيو آهي نه صحت آهي، نه تعليم نه وري روزگار، پاڪستان جا ادارا هڪ پيج تي نه هجڻ ڪري ڪڏهن ان کي ايف اي ٽي ايف ته وري ڪڏهن دهشتگردي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي جيڪڏهن سياسي ڌريون هڪ ٻئي جي گريبان ۾ هٿ نه وجهن ها ته اهڙيون عالمي پابنديون نه لڳن ها. اهڙن خيالن جو اظهار قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو پاران بيداري مارچ جو نوسهروفيروز پهچڻ بعد پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت جيڪا سڄي پاڪستان جي هجڻ گهرجي سنڌ برساتن دوران ٻڏندي رهي پر عمران خان سنڌ جي ماڻهن جي ڪا به مدد نه ڪئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي هاڻي پنهنجا ڊراما بند ڪرڻ گهرجن سنڌ جا معدني وسيلا پاڻ وفاق کي لکي ڏين ٿا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿيڻ تي انهن جو موقف تبديل ٿيو وڃي پر سنڌ جو عوام هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي هاڻي توهان جي اهڙن سازشن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته پي ڊي ايم جي جلسن ۾ سنڌ جي مسئلن تي نه پيو ڳالهايو وڃي پي ڊي ايم جي قيادت کي گهرجي ته هو سنڌ جي مسئلن تي به ڳالهائي ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي وارو فيصلو وفاق کي واپس وٺڻ پوندو. ان موقعي تي هن سڄي سنڌ سميت نوشهروفيروز جي ماڻهن کي به  8 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي. جڏهن ته خان سومرو، مصطفيٰ نظاماڻي ۽ ٻي مرڪزي قيادت به ساڻس گڏ هئي.

Read Previous

پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لا احتجاج ڪري تحفظ جي گهر ڪئي

Read Next

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي ھاٿيءَ جا ڏند، ڏيکارڻ وارا ھِڪڙا، کائڻ وارا ٻيا

Most Popular