پاڪستان تحريڪ انصاف سجاول جي جنرل سيڪريٽري ريحان بوبڪ پي ٽي آئي کي الوداع ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو

سجاول(ڊر)پاڪستان تحريڪ انصاف سجاول جي جنرل سيڪريٽري ريحان بوبڪ پي ٽي آئي کي الوداع ڪري ويھن ماڻھن سان گڏ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.پي ٽي آئي جي جنرل سيڪريٽري ريحان بوبڪ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ دشمن پارٽي بڻجي چڪي آھي.سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق ڪري ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪرڻ ٿي چاھي جيڪو اسان کي ڪنھن به صورت قبول ناھي.صوبائي قيادت پڻ سنڌ کي تقسيم ڪرائڻ ۾ ملوث آھي جنھن سبب اڄ پنھنجي ڪارڪنن سان گڏ پي ٽي آئي کي الوداع چئي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪريان ٿو.ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلعي صدر غني ملاح،سھيل احمد،ممتاز لغاري چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ھميشه سنڌ جي حقن جي ڳاله ڪئي آھي.ڊاڪٽر قادرمگسي جي قيادت ۾ سنڌ جي حقن لاء جدوجھد جاري آھي.ڪنھن به صورت ڪراچي کي الگ ٿيڻ نه ڏينداسين.وفاقي حڪوم اھڙا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏي

Read Previous

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي ھاٿيءَ جا ڏند، ڏيکارڻ وارا ھِڪڙا، کائڻ وارا ٻيا

Read Next

سجاول ۾ ٻارڙا کي تعليم حاصل ڪرڻ به عذاب بڻجي ويو

Most Popular