نالي واري گلوڪار راحت فتح علي خان هڪ ٻيو اعزاز به حاصل ڪري ورتو

لاهور: پاڪستان جي نالي واري گلوڪار استاد راحت فتح علي خان يوٽيوب تي 5 ملين سبسڪرائبر حاصل ڪندڙ پهريون فنڪار بڻجي ويو آهي. سرن جي سلطان استاد راحت فتح علي خان پهريون پاڪستاني فنڪار بڻجي ويو آهي جنهن جا يوٽيوب تي 50 لک سبسڪرائبر ٿي ويا آهن جڏهن ته ڀارت ۾ هو ان ڊوڙ ۾ ٽئين نمبر تي آهي. استاد راحت فتح علي خان کي ان کان پهريان موسيقي جي شعبي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي کان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ جو به اعزاز حاصل آهي، اهو اعزاز 26 جون 2019 تي لنڊن ۾ هڪ وڏي تقريب دوران سموري دنيا اندر قوالي جي واڌ ويجهه ۽ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڏنو ويو. ان حوالي سان راحت فتح علي خان جو چوڻ هو ته آئون پنهنجي ڪاميابين کي پنهنجي خاندان ۽ ٽيم جي نالي ڪريان ٿو ۽ ان ۾ سلمان احمد جون به ڪاوشون آهن، آئون نئين نسل جو به شڪرگذار آهيان جيڪي سوشل ميڊيا تي منهنجن گيتن کي شهرت ۽ مقبوليت جي بلندين تي پهچائي ڇڏين ٿا.

Read Previous

هاڪي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان عبدالرشيد جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

مٽياري ضلعي انتظاميا پاران ميلاد مصطفيﷺ ريلي ڪڍي

Most Popular