هاڪي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان عبدالرشيد جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو

پشاور:  قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ هاڪي ليجنڊ عبدالرشيد جونيئر لاڏاڻو ڪري ويو.  رپورٽ موجب  اڳوڻي هاڪي ٽيم جي ڪپتان عبدالرشيد جي عمر 79 سال هئي ۽ هو گردن جي بيماري ۾ مبتلا هو. عبدالرشيد جونيئر اولمپڪ گيمز ۾ گولڊ، سلور، برونز ميڊل کٽيندڙ واحد ليجنڊ رانديگر هو. رشيد جونيئر هاڪي ورلڊ ڪپ کٽيندڙ قومي ٽيم جو مئنيجر به رهيو. رشيد جونيئر ڪيترن ئي هفتن کان اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. جڏهن ته رشيد جونيئر جي بيماري جي دوران حڪومت طرفان ان جي ڪابه مدد نه ڪئي وئي. ان جي  جنازي جي نماز بنون ۾ ادا ڪئي ويندي. 1986۽ 1972ع ۾ اولمپين عبدالرشيد جونيئر سڀني کان وڌيڪ گول اسڪور ڪندڙ رانديگر ثابت ٿيو. هن رٽائرمينٽ جي وقت تائين پاڪستان جي سڀني کان وڌيڪ 96 گول ڪيا هئا.

Read Previous

آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ووٽنگ جي باقاعدي طور شروعات

Read Next

نالي واري گلوڪار راحت فتح علي خان هڪ ٻيو اعزاز به حاصل ڪري ورتو

Most Popular