مٽياري ضلعي انتظاميا پاران ميلاد مصطفيﷺ ريلي ڪڍي

مٽياري  (رپورٽ: آس ) مٽياري ضلعي انتظاميا پاران ميلاد مصطفيﷺ ريلي ڪڍي علي بابا شادي حال ۾ ميلاد جي محفل سجائي وئي ڊپٽي ڪمشنر مٽیاري ۽ ايس ايس پي مٽياري پروگرام جي ميزباني ڪئي مختلف مڪتب فڪر جي وڏي انگ ۾ شرڪت. تفصيل موجب مٽياري ضلعي انتظاميا پاران ايس ايس پي آفيس مٽياري کان علي بابا شادي حال تائين ميلاد مصطفيﷺ ريلي ڪڍي وئي جنهن جي قيادت ڊپٽي ڪمشنر مٽیاري غلام حيدر چانڊيو ۽ ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو ڪري رهيا هئا سوين عاشقان رسول نبي ڪريم ﷺ جي حق ۾ نعريبازي ڪري رهيا هئا ريلي ۾ ضلعي جي سمورن کاتن جي ڪامورن، مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي علي بابا شادي حال وٽ اختتام پذیر ٿي جنهن بعد علي بابا شادي حال ۾ ئي ميلاد مصطفيﷺ جي محفل سجائي وئي هئي جنهن جي ميزباني ڊپٽي ڪمشنر مٽیاري غلام حيدر چانڊيو ۽ ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اهلسنت جي ناليواري عالم دين علامه سيد مظفر حسين شاهه نوراني خطاب ڪيو جڏهن ته ملڪ جي مشهور نعت خوان انس برادرز ۽ سنڌ جي نالي واري نعت خوان اسرار حيدر ميمڻ حضرت محمد مصطفيﷺ جي شان ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا جنهن بعد مهمانن پاران بهتري نعت خواني ڪندڙن ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا ويا ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي، درگاھ سخي هاشم شاھ جي گادي نشين پير الهيار شاهه هاشمي، مٽياري شگر مل جي جنرل مينيجر سيد جنيد اڪبر شاھ ،اهلسنت جماعت اڳواڻ حافظ بشارت ميمڻ، پ پ ضلعي صدر علي حسين شاه ڄاموٽ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن مٽیاري محمد صابر ڪاڪا، ممتاز شاہ، مختيار ڪار مٽياري فهد خليل الله بلو، محفوظ جماڻي، ڪامران خاصخيلي، ڊاڪٽر رام لوھاڻو، رفيق احمد جمالي، اڳوڻي مختيار ڪار مٽياري غلام مصطفا شر رياض احمد ڳاهوٽي ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن بعد ضلعي انتظاميا پاران ميلاد جي محفل ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو

Read Previous

نالي واري گلوڪار راحت فتح علي خان هڪ ٻيو اعزاز به حاصل ڪري ورتو

Read Next

اکين کان نابين نديم سولنگي پريس ڪلب نوشھروفيروز جي مين گيٽ اڳيان معذور ڪوٽا تي نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج

Most Popular