نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ سانوڻ خان رند ۾ سرڪار دو جهان حضرت محمد مصطفيٰ صلی الله عليه وسلم جي شان ۾ هڪ موٽر سائيڪل ريلي

نوابشاهه(رپورٽ:دانش حيدر) نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ سانوڻ خان رند ۾ سرڪار دو جهان حضرت محمد مصطفيٰ صلی الله عليه وسلم جي شان ۾ هڪ موٽر سائيڪل ريلي غلام مصطفيٰ رند، حافظ زبير، مصطفيٰ رند، محمد بخش رند، رئيس محمد اويس جمالي، ڌڻي بخش رند، عبدالجبار رند، غلام دستگير آرائين، شھباز علي جٽ، شمن علي جسڪاڻي، ممتاز علي جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي جنهن ۾ هزارين موٽر سائيڪل ۽ ڪارون شامل هيون جيڪا ريلي منهڙو پِير شهمير سونهري فارم حبِيب ﷲ رند ۽ صوبو خان جٽ بشير احمد ٻگھيو غوثيھ منھڙو شاپ ڳوٺ شادي خان جمالي ٻين ڳوٺن مان گذري جنهن ۾ هزارين جي تعداد ۾ عاشق رسول وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ولادت جي خوشي ۾ روڊن رستن تي يا رسول اللھ جا نعرا هڙندا رهيا ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي مولانا زبير مصطفيٰ رند چيو ته اسان جو نبي وڏي شان وارو آهي ان جي ولادت اسان لاءِ عيد کان به وڌيڪ خوشي وارو ڏينهن آهي اسان سڀ خوش نصيب آهيون جو اسان کي محبوب حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جهڙو نبِي پاڪ مليو آهي اهڙي نبي تي اسان جي جان ڌن دولت من به قربان ڪري ڇڏيون آخر ۾ ريلي ڳوٺ سانوڻ خان رند ۾ اختتام پذير ٿي جتي محبوب جي خوشي ۾ مٺائي ورهائي وئي ننگر جو پڻ انٿظام ڪيو ويو ۽ نعت رسول مقبول پڙهي وئي.

Read Previous

سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ وينٽيليٽر انسٽال نه ڪرڻ ۽ اسپتال کي ضلعي جو درجو نه ڏيڻ خلاف احتجاج

Read Next

ورڪشاپ لڳ جکهڙائو ڳوٺ ڪمالدين شر جي ڳوٺاڻن پاران زميندار جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular