تعليم بابت ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ تعليمي ادارا کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو

اسلام آباد:  بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر جي باوجود تعليمي ادارا کولي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي وزيرن واري تعليمي ڪانفرنس جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چئني صوبن ۽ ازاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي  تعليم وارن وزيرن ۽ اختيارين وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. تعليمي ڪانفرنس ۾ ٽن نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا ڪورونا جي صورتحال، سياري جي موسم جي موڪلن ۽ تعليمي سال اپريل کان آگسٽ منتقل ڪرڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا.  تعليم جي وزيرن واري ڪانفرنس ۾ تعليمي ادارا کولي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ تعيلمي ادارن کي بند ڪرڻ جي ضرورت ناهي. تعليمي سال اپريل جي بجاءِ آگسٽ کان شروع ڪرڻ تي ڪوبه حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو.  شرڪت ڪندڙ سياري جون موڪلون معمول کان گهٽ ڪرن، ايندڙ اجلاس ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ گهرائڻ ۽ ان ۾ تعليمي سال  وڌائڻ تي وڌيڪ ڳالهين تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس کان اڳ هڪ تقريب جي دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شفقت محمود چيو ته سٺي يونيورسٽي عمارت سان نٿي ٺهي پر ان جي لاءِ بهترين استادن ۽ سهوليتن جي ضرورت هوندي آهي.  تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. تعليمي ادارا بند ٿيڻ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو. في الحال اسڪول بند ڪرڻ جي نوبت ناهي آئي. صحت بابت وزارت جي ايڊوائزري اسان جي لاءِ اهم آهي. صحت واري وزارت جي ايڊوائس اچڻ تائين تعليم جو سلسلو جاري رهندو.

Read Previous

گلگت بلتستان جي عوام پئسا ڀلي وزيرن کان وٺي پر ووٽ تير کي ڏئي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

حڪومت ڪير ٺاهيندو يا ڪيرائيندو ان جو اختيار ڪنهن اداري کي ناهي: مريم نواز

Most Popular