حڪومت ڪير ٺاهيندو يا ڪيرائيندو ان جو اختيار ڪنهن اداري کي ناهي: مريم نواز

مريم نواز

اسڪردو: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته حڪومت ڪير ٺاهيندو يا ڪيرائيندو ان جوا ختيار ڪنهن اداري يا شخص کي ناهي ان جو اختيار صرف عوام کي آهي. اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب دوران مريم نواز چيو ته مان عوام جو آواز بڻجي هتي آئي آهيان. اوهان جو هر مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.  پاڪستان جي سياست هاڻ بدلجي وئي، عوام جا نمائندا مار کائيندا آهن پر خدمت کان پوئتي نٿا هٽن ووٽ جو حق صرف  ان جو آهي جيڪي پارٽي سان گڏ بيٺل رهيا. حڪومت ڪير ٺاهيندو يا ڪيرائيندو ان جو اختيار ڪنهن اداري يا شخص کي نه صرف عوام کي آهي. مريم نواز چيو ته هڪ جعلي وزيراعظم گلگت بلتستان صوبي جو اعلان ڪري هليو ويو.  گلگت بلتستان تي جڏهن اجلاس هلي رهيو هو ته وزيراعظم ڀر واري ڪمري ۾ ويٺل هو. جعلي وزيراعظم ڪوڙا واعدو ڪندو آيو آهي ڇا 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو پورو ٿيو يا 90 ڏينهن ۾ ملڪ ٺيڪ ٿيو؟ ماڻهو پريشان ۽ حڪومت کان تنگ اچي چڪا آهن. جعلي وزيراعظم کي اها به خبر ناهي ته عوام ڪهڙي طرح بک سبب مري رهيو آهي هي وزيراعظم نوڪري ڪري رهيو آهي هن کي پنهنجي حق جي به خبر ناهي جيڪو ماڻهو پنهنجي عزت جو خيال نٿو رکي اهو اوهان جي عزت جو ڪهڙو خيال رکندو. (ن) ليگي اڳواڻ چيو ته منهن تي هٿ ڦيريندڙ جي پريشاني  بنا سبب جي ناهي. عمران خان وڃڻ وارو آهي. ان کي گهر موڪلڻو پوندو. بلتستان ۾ موجوده حڪومت کي ختم ڪرڻو پوندو. ووٽ چوري ڪندڙن جي آڏو ڪنڌ نه جهڪائينداسين. منهن تي هٿ پيري ڌمڪيون ڏيندڙ هاڻ وڃڻ وارو آهي. جيڪڏهن هاڻ هن ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس تماشو پوري دنيا ڏسندي. هن چيو ته پاڪ فوج جي دل سان قدر ڪريون ٿا. پاڪ فوج جي جڳهه سرحدن تي آهي پولنگ اسٽيشنن تي ناهي.

Read Previous

تعليم بابت ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ تعليمي ادارا کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو

Read Next

آمريڪي رياست نيواڊا ۾ فائرنگ: حملي آور سميت چار ڄڻا مارجي ويا

Most Popular