گلگت بلتستان جي عوام پئسا ڀلي وزيرن کان وٺي پر ووٽ تير کي ڏئي: بلاول ڀٽو زرداري

استور: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام پئسا وزيرن کان وٺي پر ووٽ تير کي ڏئي.  استور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب دوران بلاول چيو ته جمهوريت اسان جي سياست آهي ۽ اسان جي  اصل طاقت عوام آهي. هي اقتدار ۾ ضرور آهن پر عوام هنن سان گڏ ناهي. حڪومت جي خلاف هر طبقو احتجاج ڪري رهيو آهي. مزدورن کان وٺي واپاري سڀ سراپا احتجاج بڻيل آهن.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان تمام گهڻي دير کان پوءِ گلگت بلتستان کي ڌار صوبو ٺاهڻ جي ڳالهه کڻي آيو آهي. سليڪٽيڊ وزيراعظم چوي ٿو ته اليڪشن ٿي رهيا آهن لاءِ پيڪيج جو اعلان ناهيان ڪري رهيو. اليڪشن کان اڳ ڪنهن وزيراعظم کي گلگت کي پيڪيج ڏين کان روڪيو هو. اوهان ته ميانوالي کي به پيڪيج نه ڏنو. پ پ چيئرمين چيو ته ڪٺ پتلي وزير اوهان جا ووٽ خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، گلگت ۽ استور جي عوام وڪامڻ وارري ناهي. هن چيو ته اوهان هنن کان پئسا ضرور وٺو پر ووٽ تير کي ڏيو. اسان سنڌ ۾ مفت علاج جي  اسپتالن جو ڄار وڇايو آهي. اسان گلگت بلتستان ۾ به مفت علاج جا مرڪز بنائينداسين. اسان چاهيون ٿا ته گلگت بلتستان جي عوام پنهنجي زمين جا مالڪ بڻجن پر  جبلن ۾ معدنيات جا مالڪ به پاڻ بڻجن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جمهوري طريقي سان اليڪشن مهم هلائي رهيا آهيون. گلگت بلتستان جو چيف اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد ۾ وزيرن سان ملاقات ڇو ڪري رهيو آهي؟ هو پنهنجي ملاقاتن جا تفصيل سامهون کڻي اچي. مون سان  گلگت بلتستان جا جوان، بزرگ ۽ عورتون گڏ آهن اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو ڪري وٺو.

Read Previous

سيوهڻ : زمين جي تڪرار تان پنهنجي ئي رند برادري پاران کنڀي گم ڪيل فرزانا رند پنهنجي گهر واري رضامحمد رند جي بازيابي لاءِ سيوهڻ ٿاڻي تي انصاف لاءِ دربدر

Read Next

تعليم بابت ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ تعليمي ادارا کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو

Most Popular