پاڪستان جاسوسي ۽ دهشتگردي جي ڏوهه ۾ سزا پوري ٿيڻ تي ٻن ڀارتي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان جاسوسي ۽ دهشتگردي جي ڏوهه ۾ ملوث وڌيڪ 2 ڀارتي قيدين کي سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ آزاد ڪري ڇڏيو آهي.ٽن ڀارتي قيدين جي آزادي لاءِ داخل درخواست تي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ته وڌيڪ 2 ڀارتي قيدين کي ڀارت واپس موڪلي ڇڏيو آهي. هڪ ڀارتي قيدي جي سيڪيورٽي ڪليئرنس ۽ ان جي خلاف آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ  تحت وڌيڪ ڪارروائي گهربل آهيهڪ ڀارتي قيدي جو ڪيس به ڪلڀوشن جي ڪيس سان گڏ ٻڌو وڃي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهو ته مختلف ڪيس آهي ان جو ته هن سان ڪوبه تعلق نه آهي هي ته اهي قيدي آهن جن کي فوجي عدالت مان سزا ملي جيڪا هي  پوري ڪري چڪا آهن.ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هڪ ڀارتي قيدي محمد اسماعيل جي خلاف آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ جي تحت اڃان ڪارروائي باقي آهي جنهن تي عدالت چيو ته جڏهن قيدي سزا پوري  ڪري چڪو آهي ته ان جو حق آهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي عدالت ڀارتي هاءِ ڪميشن جي وڪيل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کي ايندڙ ٻڌڻي تي دليلن جي هدايت ڏيندي چيو ته قانون موجب ٻڌايو اڃان به هڪ ڀارتي قيدي کي قيد ۾ رکي سگهون ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

آمريڪي چونڊن بابت ٽوئٽ تي مهوش حيات ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻجي وئي

Read Next

حالتون ڪهڙيون به هجن عوام سان گڏ آهيون: حنيد لاکاڻي

Most Popular