حالتون ڪهڙيون به هجن عوام سان گڏ آهيون: حنيد لاکاڻي

ڪراچي : سربراهه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. ڪورونا جي پاڪستان ۾ ٻي لهر آهي جنهن سان منهن ڏيڻ جو واحد حل احتياتي تدابيرون هي آهن. اپوزيشن جماعتن کي گذارش آهي ته جلسه جلوس ڪري عوام کي خطري ۾ نه وجهن. اهڙن خيالن جو اظهار حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو ته ڪورونا جي حالتن ۾ عوام کي گهڻيون مشڪلاتون پيش آهيون جنهن جو احساس وفاقي حڪومت کي آهي. وزيراعظم عمران خان لاڪ ڊائون واري حالتن ۾ ڪفالت پيڪيج ڏئي عوامي مشڪلاتن ۾ ڪجهه گھٽتائي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پوري قوم سرهايو. حنيد لاکاڻي چيو ته ڪورونا سبب هزارين ماڻهو بيروزگار ٿيا حڪومت ٻيهر لاڪ ڊائون نه لڳائيندي. ايس او پيز تي عمل ڪري اسان ڪورونا کي هارائي سگهون ٿا. وفاقي حڪومت پهرين ترجيح عوام کي هن مشڪل جي گھڙي مان ڪڍڻ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدا آهي. حنيد لاکاڻي چيو ته ملڪ ۾ بهتري لاءِ حڪومت پنهنجو ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ مهنگائي جو سبب ماضي جو قرضن ڪري آهي. ملڪ قرض ۾ ڦاٿل آهي. ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ملڪ کي قرضي بڻائي ڇڏيو. حنيد لاکاڻي وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي پهرين لهر ۾ وفاقي حڪومت جي کنيل قدمن کي سموري دنيا واکاڻ ڪئي. هن دفعي به ڪورونا کي شڪست ڏئي پوري دنيا کي عظيم قوم هجڻ جو مثال قائم ڪنداسين. حڪومت طرفان جاري ڪيل احتياتي تدابيرن ته عمل ڪيو وڃي ۽ حڪومت جا ساٿ ڏنو وڃي جيئن ڪورونا کان بچي سگهجي.

Read Previous

پاڪستان جاسوسي ۽ دهشتگردي جي ڏوهه ۾ سزا پوري ٿيڻ تي ٻن ڀارتي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان اسان جو ملڪ آھي پر سنڌ اسان جي امڙ آھي ۽ ان جي حقن تي اسان هر گز ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: ام ارباب چانڊيو

Most Popular