پاڪستان اسان جو ملڪ آھي پر سنڌ اسان جي امڙ آھي ۽ ان جي حقن تي اسان هر گز ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: ام ارباب چانڊيو

ميھڙرپورٽر (ميربابا) قومي عوامي تحريڪ پاران ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ڪراچي ڪميٽي پاران سنڌ ورھائڻ جي اعلان ،ڪرپشن، پاڻي جي کوٽ،زراعت جي تباھي ۽ سنڌ جي ٻين مسئلن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ ۽ بيداري مارچ ميهڙ پهتي جنهن جي ميهڙ ۾ ام رباب چانڊيو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ منور جتوئي ميهڙ جي قومي عوامي تحريڪ جي ٻين اڳواڻن ۽ ميهڙ جي ڪيترن ئي سياسي سماجي ڌرين طرفان ميهڙ باء پاس تي زبردست ۽ شاندار آجيان ڪئي وئي. جڏهن ته ان موقعي تي اياز لطيف پليجو ۽ ام رباب چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ متعلق ڪميٽي ٺاهڻ عالمي طاقتن جي سازش آھي جنهن جو پهريون مقصد ته پهرين ننڍڙيون ڪميٽيون ٺاهجن ان کان پوء الڳ هر شعبي جو متبادل انتظامي ڍانچو ٺاهجي ۽ پوء ان بنياد تي الڳ صوبو ٺاهي ۽ عالمي قوتن کي دعوت ڏيئي الڳ ملڪ ٺاهجي، مگر ان سازش  کي اسان ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ام رباب چانڊيو چيو ته پاڪستان اسان جو ملڪ ضرور آھي پر سنڌ اسان جي امڙ آھي ۽ ان جي حقن تي اسان هر گز ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.

Read Previous

حالتون ڪهڙيون به هجن عوام سان گڏ آهيون: حنيد لاکاڻي

Read Next

شهر ۾ حاجي عبدالرزاق ميمڻ پاران نوجوانن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ گرائونڊ ڏئي افتتاح ڪيو

Most Popular